هالا (ن پ ا) هالا ۾ واڍڪي دڪان تي ڪم ڪندڙ نينگر کي رسن سان ٻڌي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته طالب الموليٰ ڪالوني ۾ دڪاندار علاوالدين نينگر کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، شهرين پاران نينگر تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ دڪاندار خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.