هالا (ن پ ا) هالا ۾ ضلعي مٽياري ۾ وڏي سياسي ۽ سماجي سگهه رکندڙ عملدار هائوس جي سرواڻ مخدوم غلام محي الدين، مرحوم مخدوم شاهنواز، جي ڊي اي اڳواڻ مخدوم فضل حسين، مسلم ليگ نواز اڳواڻ مخدوم عطاحسين جن جي پڦي ڪجهه عرصو بيمار رهڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي، مرحومه جي جنازي نماز رات جو دير سان درگاهه سرورنوح تي ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه کي درگاهه سرور نوح جي احاطي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مرحومه جي تعزيت جو تڏو علمدار هائوس هالا ۾ وڇايو ويو آهي جتي مخدوم غلام محي الدين، سندس فرزند اڳوڻي تعلقي چيئرمين هالا مخدوم عمار حيدر، مخدوم عطاحسين سميت ٻين رشتيدارن سان علمدار هائوس هالا ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آهي. درگاهه سرور نوح جي گادي نشين ۽ ميمبر قومي اسيمبلي مخدوم جميل الزمان، سنڌ ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ سروري جماعت جي سرواڻ مخدوم سعيد الزمان عاطف، اڳوڻي ضلعي چيئرمين مٽياري مخدوم فخرالزمان، مير مسرت جعفري، سيد ممتازعلي شاهه، نديم ڏاهري، مخدوم مشتاق حسين،راهو برادري جي اڳواڻ رئيس حاجي نظير احمد راهو، مسڪم ليگ فنڪشنل اڳواڻ نصير احمد ميمڻ، مهر برادري جو اڳواڻ مولابخش مهر، حاجي روشن الدين مهر، رئيس نورل خان نظاماڻي، رسول بخش بگهيو، زاهد ٻگهيو، سردار محمد رحيم سوڌڙو، محمد عرس سوڌڙو، علي بابا، ڪامريڊ امير بخش ارباب، صحافي عبدالغفور ميمڻ، عابد فقير ۽ ٻين پهچي تعزيت ڪئي. مرحومه جي ٽيجهي جي رسم سڀاڻي علمدار هائوس هالا ۾ ادا ڪئي ويندي.