هالا(ن پ ا) روزاني پنهنجي اخبار هالا جي سول ايجنٽ، سماجي ورڪر، ڪامريڊ خان محمد عرف (خانو) ميمڻ جو نوجوان پٽ، اخباري هاڪر ڪليم الله ميمڻ جو ڀاءُ، 30 ورهين جو نوجوان نعيم رضا دل ۾ تڪليف سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن جي جنازي درگاهه سرور نوح ۾ ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ هالا، ڀٽ شاهه، کيبر، متياري،شهدادپور سان تعلق رکندڙ اخباري ايجنٽن، هاڪرن، صحافين سميت مختلف سياسي سماجي، علمي و ادبي ۽ شھري تنظيمن سان تعلق رکندڙ ماڻهن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.