ھالا(ن پ ا) ھالا ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي، چورن شهر جي مين روڊ تي واقع نيو گلشن هوٽل جا تالا ٽوڙي هوٽل ۾ موجود آيل سي ڊي، بيٽري، چارجر، سميت هزارين رپيا ڪيش رقم چورائي فرار ٿي ويا. هوٽل مالڪ بابر راجپوت ٻڌايو ته سندن هوٽل تان هٿرادو چوري ڪرائي وئي ڇاڪاڻ جو سندس ڀاءُ اڪرم راجپوت اليڪشن ۾ پي پي جي مخالفت ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوارن جي چونڊ مهم هلائي هئي جنهن جي ڪري ئي سندن هوٽل جا تالا ٽوڙائي لکين رپين جي چوري ڪرائي وئي آهي. واقعي بعد هوٽل مالڪ پنهنجي راجپوت برادري سان گڏ ھالا ٿاڻي تي پهچي چوري ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ پهتا ته ھالا پوليس انتظاميه هڪ سياسي هائوس جي چرچ تي چور خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائيندي ٿاڻو ڇڏي ويا، پوليس جي اهڙي رويي تي هوٽل مالڪ بابر راجپوت چيو ته ھالا پوليس جي اهڙي رويي ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ تي جوابدار سميت ھالا پوليس خلاف آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد،ايس ايس پي مٽياري ۽ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.