ھالا(رپورٽ: عبدالغفور ميمڻ) هالا ڀرسان سالارو ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدار مير حسن جکراڻي گهرن سان لڳ پاڻي جي ڊگڊگي جي تيز آواز تان ڪاوڙجي پنهنجي پيء حبيب الله جکراڻي ۽ سؤٽ شهمير پٽ نادر جکراڻي کي بندوق سان فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جوابدار هڪ ٻئي نوجوان بابل ولد خيرو جکراڻيتي ڪهاڙي سان حملو ڪري کيس شديد زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي قتل ٿيلن جا لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال پهچايو ويو. ڊاڪٽرن ٻن ڄڻن شهمير ۽ حبيب الله جکراڻي جي فوت ٿيڻ جي صديق ڪرڻ بعد شديد زخمي ٿيل همراهه کي سول اسپتال حيدرآباد روانو ڪري مقتولن جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف مقتولن جي مائٽن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ جوابدار مير حسن جکراڻي اتي لڳل پاڻي ڪڍڻ واري مشين ڊگڊگي جو آواز تيز هجڻ تي ان کي بند ڪرائڻ لاءِ سوٽن کي چيو ۽ ڪالهه ان جو فيصلو پڻ رکيو ويو هو پر جوابدار فيصلي کان پهرين ڪاروائي ڪندي جهيڙو ڪيو ۽ جوابدار مير حسن جکراڻي پنهنجي پيء حبيب الله ۽ سوٽ شهمير جکراڻي تي بندوق جا سڌا فائر ڪندي کين قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سالارو ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. پوليس جوابدار کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي سندس ڪجهه مائٽن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي فرار جوابدار جي پڇا ڳاڇا جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف متقولن جي لاشن کي سندن وارث اباڻي شهر ڪنڌڪوٽ ڏانهن کڻائي ويا.