ھالا(ن پ ا) کنڊو لڳ سنڌو درياءَ وٽ راند رهندي خانزادہ برادري سان تعلق رکندڙ به سڳا ڀائر ڪاشان ۽ انو خانزادہ درياء پار ڪرڻ سبب ٻڏي ويا، جڏهن ته واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن درياء ۾ ڪرندڙ ٻن ڀائرن کي فوري طور بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن مان ڳوٺاڻن 8سالاننڍي ڀاءُ انو خانزادي کي ٻڏڻ کان بچائيندي کيس درياهه مان ڪڍي ورتو جڏهن ته درياء ۾ ٻڏي ويل 11 سالا ڪاشان خانزادہ درياء ۾ لڙهي وڃڻ سبب سندس ڳولا لاءِ مقامي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ ڳولا شروع ڪئي. ڪافي ڳولا باوجود نينگر جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو. واقعي جي اطلاع تي درياء ۾ ٻڏي ويل نينگرجا وارث ۽ سوين ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي اتي هڪ عارضي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي.