ھالا(ن پ ا) هالا جي سالارو ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل محب علي کوسو جي پٽ قلندر کوسو سالارو قتل جو ڪيس داخل رڪائي ڇڏيو آهي. ڪيس ۾ اٺن جوابدارن لکاڏنو کوسو، سندس ڀاءُ اقبال، ماڪو،آچر، رفيق، مجيد، ولي محمد ۽ سندس ڀاءُ نظير۽ ٻن نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس جوابدارن مان هڪ به جوابدار گرفتار نهڪيو آهي.  مقتول جي فريادي پٽ قلندر کوسو چيو ته سالارو پوليس جوابدارن جي گرفتاري ۾ ڪا به سنجيدگي نه ڏيکاريندي کين هٿ سان ڀڄائي رهي آهي. آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري  نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪرائين نه ته ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.