ھالا(ن پ ا) سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي تيزيءَ سان چاڙهه سبب ايم ايم بچاء بند کي ھالا پراڻا وٽ ڏار پوڻ ۽ ڪپر مضبوط نه هجڻ سبب بند جي ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، ڀاڻوٺ، سعيد آباد، ھالا پراڻا، کيبر، سيکاٽ ۽ مٽياري جي ڪچي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن لڏپلاڻ ڪندي محفوظ علائقن ۾ پناهه وٺڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ايريگيشن انتظاميا ڀاڻوٺ، ھالا پراڻا جي بندن تي غير معياري پٿر لاٿو پيو وڃي جيڪو دريا۾ لاهڻ شرط ئي ڳريو وڃي جنهن سبب هن وقت ھالا پراڻا، ڳوٺ شفيع ڏاهري، اڇي مسجد تائين درياهه جو پائي تيز ڇولين سان پهچڻ ۽ بندن جا ڪنارا ڪمزور هجڻ جي ڪري ھالا پراڻا، ھالا نوان، سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ عوام ۾ شديد ڏهڪاء پکڙيل آهي. ھالا سب ڊويزن جي رهندڙ سمورن سياسي، سماجي، علمي و ادبي توڙي شهري تنظيمن جي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان ايس ايم بچاء بند جي ھالا پراڻا، ڀاڻوٺ، اڇي مسجد وٽ موجود اسپيئرن جي فوري مرمت ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.