هالا (ن پ ا) هالا لڳ ڳوٺ ونجهيري شريف باءِ پاس تي تيز رفتار ڪار جو چنگچي ڦٽي سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ڦٽي رڪشا تي سوار ٽن عورتن سميت چار ڄڻا شوڪت حاجاڻو،  حسينه، شہربانو ۽ آمنہ حاجاڻون سخت زخمي ٿي پياجن کي اسپتال پهچايو. ٻن زخمين کي گھڻا زخم هجڻ تي حيدرآباد اسپتال روانو ڪيو ويو. پوليس ڊرائيور کي پڪڙي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ ڪار تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي.