ڀٽ شاھ (ن پ ا) هالا شھر مان 14 سالن  جو نوجوان پراسرار طور تي لاپتا ٿي ويو آھي ۽ گھر ڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.  شھر جي چانولي پاڙي جو رھواسي نوجوان اسد الله ولد احمد لاکو  گذريل ٻن ڏينهن کان  گم آھي. وارث سخت پريشاني ۾مبتلا ٿي ويا آھن. وارثن پاران ھالا ٿاڻي تي سندس گمشدگي جي رپورٽ به داخل ڪرائي وئي آھي پراسرار طور گم ٿيل نوجوان اسد لاکو جي سئوٽ عرفان لاکو جو چوڻ آھي ته نوجوان اسد  لاکو گهران نڪرڻ بعد شھر طرف ويو ته واپس نـ آيو آھي تمام گھڻي ڳولا ڪئي آھي مگر اڃان تائين ڪو به ڏس پتو نـ مليو آھي تمام گھڻو پريشان آهيون اسان جو مطالبو آھي نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي ـ