ھالاڻي (ن پ ا) هالاڻي ۾ انوکي مسجد: محرابن مان چنڊ جي تاريخ جو اندازو ممڪن، ان ڏس ۾  ھالاڻي شھر جي تاريخي محراب مسجد ڪلھوڙا حڪمرانن ميان عبدالنبي ڪلھوڙو جي دور  1780 ۾ تيار ٿي، ٽالپرن ۽ ڪلھوڙا حڪمرانن جي فيصلائتي جنگ دوران مسجد ٺھي مڪمل ٿي، جنھن دوران ڪلھوڙن حڪمرانن کي شڪست نصيب ٿي، ھن مسجد جو نالو ڪلھوڙا حڪمرانن جي گورنر محراب خان جتوئي پنھنجي نالي سان تعمير ڪرائي، مسجد ۾ ڪيتريون ئي خاصيتون رکيون ويون آھن، مسجد جي محراب وٽ 2 ننڍا آمھون سامھون ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ڪاريگر 2 سراخ رکيا، جنھن مان سنڌي تاريخن جا 29  ۽ 30 تاريخ جو چنڊ آساني سان ڏٺو ويندو ھيو، محراب مسجد جنھن جي تعمير ۽ سونھن سندرتا تاريخ جو حصو رھي آھي،سنڌ جي ثقافت جو ھي مسجد بھترين اثاثو آھي، مسجد جي مٿان شاندار بھترين مقبرا ٺھيل آھن، جيڪي مسجد جي سونھن ۾ اضافو ڪن ٿا، مسجد جي چوديواري مضبوط ۽ ويڪري ٺھيل آھي، ڄاڻ موجب ته مسجد جي گنبذ مٿان ٻانگو مٿي چڙھي جڏھن ٻانگ ڏيندو ھيو ته ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٻڌي ويندي ھئي، محراب مسجد نيشنل ھاءِ وي جي ڀرسان ٺھيل آھي، ھن مسجد ۾ پنجن وقتن جي نماز سان گڏو گڏ  عيد الاضي ۽ عيدالفطر جون نمازيون پڻ پڙھايون وينديون آھن.