حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سدوزئي چيو آهي ته حيدرآباد جي ٿاڻن تي ايس ايڇ اوز پاران رکيل پرائيويٽ بيٽرز خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جيڪو به ڊي ايس پي يا ايس ايڇ او بيٽرز خلاف ڪارروائي نه ڪندو ان خلاف به ڪيس داخل ڪيا ويندا. پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران ساجد امير سدوزئي چيو ته مين پڙي ۽ گٽڪو ڪينسر آهي ۽ ڪينسر جا پئسا وٺندڙ پوليس عملدارن ۽ اهلڪار به ڀتي خور آهن جن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ان کان اڳ به حيدرآباد ۾ مقرري دوران شهر ۾ امن قائم ڪرايو هو ۽ هاڻي به ڪوشش ھوندي ته شهر مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو ڪري ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته آئيس، هيروئن، مين پڙي، گٽڪو، ڪچو شراب ۽ ٻيا زهريلا نشا شهرين لاءِ عذاب آهن جن جي خاتمي لاءِ منشات فروشن ۽ سندن ساٿارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو ته جيئن شهر کي منشيات کان پاڪ ڪرائي سگهجي. ايس ايس پي دعويٰ ڪندي چيو ته آرگنائيز ڪرائيم ۾ ملوث ماڻهون ۽ هٿي ڏيارڻ وارا پوليس عملدار توڙي اهلڪار به ڀتي خوري جي ذمري ۾ اچن ٿا جن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته کيس اها ڄاڻ ملي آهي ته مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ هلندڙ منشيات جي وڪري ۾ ايس ايڇ اوز پاران رکيل پرائيويٽ بيٽرز جو وڏو ڪردار آهي ۽ ڄاڻايل بيٽرز جي هاڻي ڪار, ريوو ۽ ٻيون گاڏيون استعمال ڪن ٿا انهن وري پنهنجا به بيٽرز رکي ڇڏيا آهن ۽ اهي ماڻهو نوجوانن توڙي معصوم ٻارن جي مستقبل سان کيڏي کين ڪينسر ۾ مبتلا پيا ڪن جن ڀتا خورن کي ڪڏهن به بخش نه ڪيو ويندو. ايس ايس پي صحافين کي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته هو هاف ۽ فل فراءِ جو حامي نه آهي ۽ نه ئي اها پوليس جي پاليسي آهي ته ڪو ڏوهارين کي زخمي يا ماريو وڃي پر اسٽريٽ ڪرائيم توڙي ڌاڙن ۽ ڦرن ۾ ملوث ڏوهاري پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪن ٿا ان لاءِ بچاءُ ۾ پوليس کي به فائرنگ ڪرڻي پئي ٿي جنهن دوران ڏوهاري زخمي ٿين ٿا. ايس ايس پي شڪي مقابلن جي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سندس موجودگي ۾ اڃا تائين ڪو اهڙو جڙتو مقابلو ناهي ٿيو پر جيڪڏهن ڪنهن به شهري شڪايت ڪئي ته ايس ايڇ اوز شڪي مقابلا پيا ڪن ته هو ان معاملي جي جاچ ڪرائيندو. ايس ايس پي سول سوسائٽي جي نمائندن، صحافين ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته هو شهر مان منشيات جي خاتمي لاءِ پوليس سان سهڪار ڪن ڇاڪاڻ ته منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون کانپوءِ گهرن ۽ گهٽين ۾ منشيات ٺاهي وڪرو ڪئي پئي وڃي جتي پوليس آساني سان نٿي پهچي سگهي. هن چيو ته وڏي پئماني تي پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن جي سرپرستي ۾ منشيات جهڙو زهر وڪرو ٿئي ٿئي ٿو جيڪڏهن اهي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏين ته کيس اميد آهي ته شهر مان 80 سيڪڙو منشيات جو وڪرو بند ٿيڻ سان گڏ ڏوهه به گهٽجي ويندا.