ڪراچي: تعليم کاتي جي اختيارين پاران 13 ضلعن جي هارڊ ايريا قرار ڏنل يوسيز ۾ 33 سيڪڙو تي پاس ٿيل اميدوارن جي ڀرتين وارو عمل روڪڻ لاءِ ڊي اِي اوز کي خط لکيو ويوآهي، خيرپور، گھوٽڪي، جيڪب آباد، دادو، ٿرپارڪر، سانگھڙ، سجاول، سکر، ڪشمور، قمبر، ڄامشورو، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ضلعن جي ڊي اِي اوز کي عدالتي حڪم تي لکيل خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته هارڊ ايريا قرار ڏنل علائقن ۾ 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس قرار ڏنل اميدوارن جون  ڀرتيون روڪيون وڃن، ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل 13 ضلعن جي هارڊ ايرياز  ۾ مجموعي طور تي 3500 کان وڌيڪ اميدوار پاس ٿيا هئا.