حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ به سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ قلم 144 لاڳو  ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي ڄاڻايو آهي ته پ پ سرڪار قلم 144 لاڳو ڪري آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو ڌار ڌار پريس بيانن ۾ ڄاڻايو آهي ته پيپلزپارٽي سرڪار مڪاني چونڊن ۾ مخالف اميدوارن جي مهم کي روڪڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي. اڳواڻن موجب ته سنڌ ۾ پاڻي ناهي جون سدائون بلند ٿي رهيون آهن ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف ٿيندڙ احتجاجن کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار آمراڻو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ اهڙي فيصلي کي رد ڪندي مطالبو ٿيون ڪن ته فوري طور قلم 144 لاڳو ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي.