لنڊن (دلچسپ نيوز) هاري مهانگي ڪار فصل آڏو بيهارڻ تان ڊرائيور کي انوکو سبق ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي لنگورس مڊ ويلز جي علائقي ۾ هڪ ڊرائيور بي ايم ڊبليو گاڏي فصل آڏو بيهاري ڇڏي. گاڏي بيهڻ سبب فصل ۾ داخل ٿيڻ جو لنگهه بند ٿي ويو، ڊرائيور جي ان عمل هاري کي چيڙائي وڌو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاري انوکو انتقام وٺندي گاڏي جي چوڌاري لوهي سيخن جو جنگلو ٺاهي ڪار کي بند ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان هاري جو چوڻ هو ته جيئن اسان سياحن جي آجيان ڪندا آهيون، ائين اهي به اسان جي ڪم وارن هنڌن جو خيال رکن. ٻئي طرف هاري جي ان موقف جي حمايت ڪندي لنگورس مڊ ويلز جي گرين پارٽي جي ڪائونسلر ايملي ڊورانٽ چيو آهي ته اسان کي هارين جي حقن جو خيال رکڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهي اسان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن.