هارين کي 1800 ارب رپين جا قرض ملندا: وزيراعظم هاري پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
227
هارين کي 1800 ارب رپين جا قرض ملندا
هارين کي 1800 ارب رپين جا قرض ملندا: وزيراعظم هاري پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف هاري پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
وزير اعظم تقريب کي خطاب دوران چيو ته زرعي ترقي لاءِ هارين جا مسئلا حل ڪرڻ ضروري آهن، نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڀاڻ اڌ قيمت تي ملندو هو، ن ليگ جي دور ۾ ٻيهر هارين لاءِ 100 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي
هن چيو ته حڪومت هارين جي بهتري لاءِ جيڪو به قدم کڻندي اهو پاڪستان جي مفاد ۾ هوندو
شهباز شريف اعلان ڪيو ته هو هارين کي 1800 ارب رپين جو قرض ڏيڻ يقيني بڻائيندا، هي قرض گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 400 ارب رپيا وڌيڪ آهي، ٻوڏ سبب 40 لک ايڪڙ زمين تي فصل تباهه ٿي ويا، ننڍن هارين جا قرض معاف ڪري رهيا آهيون
هن چيو ته متاثر علائقن جي هارين جا قرض معاف ڪرڻ لاءِ 10 ارب 60 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، زرعي شعبو 6 مهينن ۾ معيشت کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو، زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن کي 50 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا
هن چيو ته ڊي اَي پي ڀاڻ جي في ٻوري جي قيمت ۾ 2500 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي اها 11 هزار 250 رپين ۾ في ٻوري ملندي
هن چيو ته 5 ارب جي اها رقم بي زمين هارين لاءِ سبسڊي جي صورت ۾ هوندي، مان ناڻي واري وزير کي هدايت ڪندس ته ايس ايم ايز جي معاملي تي بينڪن خلاف ڏنڊو کڻي
وزيراعظم چيو ته هن وقت ٽريڪٽر هاريءَ جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا آهن، پرڏيهه مان 5 سال پراڻا ٽريڪٽر امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان تي 36 سيڪڙو ڊيوٽي ڇوٽ ڏني وئي آهي
هن چيو ته 5 لک ٽن يوريا درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 2 لک ٽن اچي وئي آهي، گذريل حڪومت کي اسان سان ڀيٽيو، کير ۽ پاڻي واضح ٿي ويندو، يوريا جي درآمد تي 30 ارب رپيا سبسڊي جي طور تي رکيا ويا آهن