اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان هائوسنگ لاءِ قرض ڏيڻ لاءِ ڌار بينڪ قائم ڪرڻ و اعلان ڪيو آهي. لائيو ڪال پروگرام ۾ هن چيو ته ناڻي وارو وزير شوڪت ترين هائوسنگ اسڪيم بابت قرض ڏيڻ لاءِ هڪ بينڪ قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن اسڪيم بابت آسانيون پيدا ٿين. هن چيو ته هائوسنگ اسڪيم لاءِ بينڪ مينيجرز جي تربيت جو بندوبست ڪري رهيا آهيون.