حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ خيرپور ناٿن شاهه، ٽنڊو الهيار، سانگهڙ، ٽنڊو آدم سميت ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ برسات متاثرين جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف ايڊووڪيٽ الطاف سچل اعواڻ، علي پلهه ۽ ٻين پاران درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميا نااهلي جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري هزارين متاثرين بي يارو مددگار بڻيل آهن. درخواستن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي. وڪلين ٻڌايو ته برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن ڪري مليريا ۽ ڊينگي خطرناڪ حد تائين وڌڻ سبب سوين ماڻهو مختلف مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. وڪيلن ٻڌايو ته لاڳاپيل ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز متاثرين کي ٽينٽ سٽي ۽ رليف ڪئمپن ۾ ترسائڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن ڪري هو کليل آسمان هيٺ رستن ۽ چوڪن چوراهن تي پاڻمرادو اجها ٺاهي ويهڻ تي مجبور آهن. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ گذريل ڏينهن تفصيلي فيصلو جاري ڪندي ڊپٽي ڪمشنرز کي فوري طور پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرين جا ٻيا معاملا حل ڪري ايڊيشنل رجسٽرار جي آفيس ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته متاثر علائقن ۾ ٻن ڏينهن دوران مڇر مار اسپري ڪرائي متاثرين کي راشن ۽ ميڊيڪل ڪئمپن جي سهولت به فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته ٽينٽ سٽي توڙي رليف ڪئمپن ۾ ڊاڪٽرز ۽ ڊاڪٽرياڻين جي مقرري کي به يقيني بڻايو وڃي. ڄاڻايل ضلعن جا ايس ايس پيز ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪئمپن تي موجود متاثرين کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ سان گڏ امن امان جي صورتحال به بهتر بڻائين. متاثر علائقن ۾ جيڪي اين جي اوز ضاڪاراڻا طور ڪنهن جي مدد ڪرڻ چاهين ٿيون ته اهي ڊپٽي ڪمشنرز معرفت متاثر خدمتون سرانجام ڏين.