حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سب ڊويزن خيرپور گمبوهه مائينر مان پاڻي چوري واري ڪيس ۾ نامزد 3 ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪيس ۾ نامزد جوابدارن شفيع محمد پنهور، علي نواز ۽ پرويز علي وڪيل ياسين لغاري معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ٽنهي ڄڻن کي 20-20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سندن عبوري ضمانت منظور ڪئي. پنگريو ٿاڻي جي پوليس 12 مئي تي ڳوٺ الله بخش پنهور جي رهواسين خلاف داروغي اعجاز علي کوسو جي فرياد تي پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪيو هو. فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽنهي ڄڻن کي مائينر ۾ غيرقانوني طور پائيپ لڳائي پاڻي پئي چوري ڪيو جنهن جو اطلاع هن سب ڊويزن خيرپور گمبوهه ايٽ دمبالو جي ايس ڊي او کي به ڏنو هو.