حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ منشيات ڪيس ۾ سزا ٻڌايل ٽن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ۾ ٽنڊو محمد خان واسي ممتاز چانڊيو کي بري ڪيو آهي. پوليس 10 ڊسمبر 2020ع دوران جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 3 ڪلو چرس هٿڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هي.کيس ساڍا 6 سال قيد ۽ 30 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. جڏهن ته عدالت چرس ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ٻڌايل جوابدار رحيم عرف ٻڍو ملاح کي بري ڪيو. ڪوٽڙي جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پاران 4 سال قيد جي سزا ٻڌايل جوابدار نصر الله بروهي کي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد بري ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار خلاف ڪوٽڙي ٿاڻي جي پوليس هڪ هزار 80 گرام چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان جي قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل جوابدار جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب مان سڪرنڊ پنهنجي ڳوٺ گهمڻ لاءِ آيل خان محمد سنجراڻي تي 2012ع دوران سڪرنڊ تعلقي جي ماڙي جلباڻي پوليس قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ته محمد حسن سنجراڻي ڄاڻايو ته سندس ڀائٽي محمد ابراهيم سنجراڻي کي جوابدار سڱاوتي تڪرار تان گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.