ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ھاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن باوجود پاڪستان پوسٽ آفيس سوسائٽي جي زمين تي عبدالله شاھه غازي ڳوٺ جي نالي سان قبضا ختم نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر، ڪراچي اوڀر جي ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جي اوڀر، ايس ايڇ او سچل، مختيارڪار ۽ ٻين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ بابت وضاحت طلب ڪئي آھي. ڪالھه پوسٽ آفيس ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران داخل ڪيل توھين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته درخواست گذار جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪمن باوجود روينيو کاتي، ڊي سي ۽ ڊي آءِ جي سميت آفيسرن زمين تان قبضا ختم نه ڪرايا آھن، عدالت کين ٻن مھينن اندر قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو، انهي باوجود اڃا تائين ڪا ڪارروائي نھ ڪئي وئي آھي، هن چيو ته گڏيل رٿابندي سان سوسائٽي جي زمين تي ڳوٺ ٺاھيا پيا وڃن، ان  موقعي تي سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پيش ٿي استدعا ڪئي ته ڪراچي سميت سنڌ جي 16ضلعن ۾ 28 آگسٽ تي مڪاني چونڊون ٿي رھيون آھن، انتظاميه چونڊن جي ڪمن ۾ مصروف آھي، جنھن ڪري ڄاڻايل سوسائٽي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ مھلت ڏني وڃي،  جنھن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته  چونڊون ته ھاڻي ٿي رھيون آھن، عدالت جو حڪم انيه کان اڳ جو آھي. سرڪار جيئن ٻيا ڪم ڪري رھي آھي تيئن عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ به لازمي ھو، عدالت سنڌ حڪومت کي ٻن  مھينن اندر  پوسٽ آفيس سوسائٽي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. سوسائتي پاران داخل درخواست ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان پوسٽ آفيس سوسائٽي جو قيام 1970ع ۾ عمل ۾ آيو، 2012ع ۾ اسانجي زمين تي قبضو ڪيو ويو. جنهن سبب ڪيترن ئي الاٽيز کي پلاٽ  ملي نه سگھيا، ڪيترائي الاٽي پلاٽ جي انتظار ۾ فوت ٿي ويا آھن.