حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ عورت جي قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌايل سندس مڙس، ڏيرن  ۽ ويڳن پٽن سميت 6 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. 9 جنوري 2020ع تي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن ڪريم بخش کوسو ۽ دادن کوسو کي عمر قيد ۽ حسين بخش، امداد کوسو، منصور احمد، اياز حسين ۽ برڪت کي 2-2 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. جوابدارن سزا خلاف اپيلون داخل ڪيون هيون. 19 مئي 2022ع تي جسٽس ذوالفقار احمد خان تي مشتمل بئنچ دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو. وڪيل ڄاڻايو هو ته ڄاڻايل عورت ڦر واقعي دوران قتل ٿي هئي پر پوليس معاملي جي جاچ ڪرڻ بدران سندس گهرڀاتين خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته 11 اپريل 2015ع دوران هوسڙي پوليس کي ٽينا نالي عورت جو گوليون لڳل لاش مليو هو. پوليس لاش هٿ اچڻ بعد جاچ ڪندي سرڪاري فرياد تي سندس گهرڀاتين خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو.