سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ، تعلقا اسپتال پنوعاقل جو سرڪاري ڪوارٽر غيرقانوني طور الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، طلب ڪرڻ تي تعلقا اسپتال پنوعاقل جو ايم ايس صلاح الدين اڄڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ درخواست گذار مڊ وائيف جي ڪوارٽر متعلق عدالت ايم ايس کان پڇاڻو ڪيو، جنھن تي ايم ايس مطمئن ڪندڙ عدالت کي جواب نه ڏئي سگھيو، جنھن تي عدالت ايم ايس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي کيس ڪورٽ ڪسٽڊي ۾ ويھاري ڇڏيو ۽ زميني حقيقتون جاچڻ لاءِ مئجسٽريٽ کي فوري طور انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، مليل ڄاڻ موجب مئجسٽريٽ طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ درخواستگذار صحت کاتي جي ملازما جي ڪوارٽر تي قبضي جي تصديق ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ايم ايس پنوعاقل اسپتال طرفان لکت ۾ عدالت کان معافي ورتي وئي، جنھن کان پوءِ عدالت کيس معافي ڏيندي فوري طور تي درخواست گذار کي ڪوارٽر ڏيڻ ۽ ڪوارٽرن تي غير لاڳاپيل ماڻھن جا قبضا ختم ڪرائي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ صحت کاتي ۾ دائي طور ڪم ڪندڙ فوزيا پنھنجي وڪيل معرفت موقف اختيار ڪيو تھ سندس جي نالي تي الاٽ ٿيل ڪوراٽر ايم ايس صلاح الدين اڄڻ غيرقانوني طريقي سان ٻئي کي ڏئي ڇڏيو آھي، ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا تھ جيڪڏھن اھي ڪواٽر غيرقانوني الاٽ ٿيل ھئا تھ ايم ايس کي جيل حوالي ڪيو ويندو جنھن کان پوءِ پنوعاقل تعلقا اسپتال جي ايم ايس عدالت ۾ معافي نامو جمع ڪرائيندي چيو تھ ڪوارٽر جلد فوزيا حوالي ڪيو ويندو.