حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ قتل ڪيس مان جوابدار جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت  منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪوٽ غلام محمد جي رهواسي جوابدار رياض احمد ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي. جسٽس محمد ڪريم خان آغا وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي هفتي لاءِ سندس عبوري ضمانت منظور ڪئي. 10 مئي 2022ع تي ڳوٺ وريام خاصخيلي جي رهواسي محمد خان خاصخيلي ڪوٽ ڪيس داخل ڪرايو هو ته سندس ڀاءُ حبيب الله ۽ ڀائٽي محمد وسيم تي پراڻي تڪرار تان حملي  ڪيو ويو. جوابدارن رياض احمد، ابراهيم، عبدلرزاق، منير ۽ ٻين جي فائرنگ ۾ ڀاءُ مارجي ويو ۽ ڀائٽيو زخمي ٿيو هو.