ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ۽ فقير سليم) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سنڌي وسندي غازي ڳوٺ ڊاھڻ خلاف درخواست تي اينٽي انڪروچمينٽ کي ڳوٺ ۾ ڪنھن به قسم جي ڀڃ  ڊاھ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت  لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي، سب انسپيڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ، مختيار ڪار گلزار ھجري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 18 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آھي، غازي ڳوٺ جي رھواسين پاران داخل درخواست ۾سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري، لينڊ يوٽيلائيزيشن جي سيڪريٽري، اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آھي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي وڏي وزير جي منظوري سان غازي ڳوٺ سميت 70 ڳوٺن کي ريگيولرائيز ڪيو ھو، سمورو ڳوٺ ريگيولرائيز ھجڻ باوجود ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ڪالهه ٻڌڻي دوران  عدالت درخواست گذار پاران پيش ڪيل دستاويزن ۽ سنڌ حڪومت جي وڪيل طرفان پيش ڪيل رپورٽ کي پڻ ڪارروائي جو حصو بڻائي ڇڏيو. ٻئي طرف  جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي غازي ڳوٺ تي پوليس چڙهائي،عورتن ٻارڙن مٿان پوليس تشدد ۽ فائرنگ جي مذمت ڪندي ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته  ڪجهه آفيسرن خلاف ڪاروائي ناڪافي آھي،  وڏي وزير مُراد علي شاهه کي پاڻ سرزمين تي اچي ڳوٺاڻن جو ڀرجهلو ٿيڻ گهرجي  غازي ڳوٺ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته جماعت اسلامي هر ظالم خلاف ۽ مظلومن سان گڏ آهي، ميئر نعمت الله خان جي دور ۾ غازي ڳوٺ سميت ڪيترائي ڳوٺ پڪا ڪرڻ لاءِ سروي ڪئي وئي، متحده جي تڏهوڪي گورنر عشرت العباد صحيح نه ڪري غريب دشمني جو ثبوت ڏنو هو، هن چيو ته هن تڪ تان مولانا اسدالله ڀٽو ايم اين اي ۽ يونس بارائي ايم پي اي چونڊيا ويا هئا، ان وقت به بلڊر مافيا ڳوٺ ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي مزاحمت ڪري ناڪام بڻايو ويو هو. هن چيو ته پ پ سرڪار غازي ڳوٺ جهڙا واقعا ڪرائي ڪراچي ۾ فساد پکيڙڻ چاهي ٿي.هن چيو ته اسان غازي ڳوٺ جي رهواسين سان گڏ آهيون