ميڪسيڪوسٽي (انٽريسٽنگ نيوز) اناج تي تحقيق ڪندڙ عالمي اداري جي ماهرن عالمي سطح تي پيدا ٿيندڙ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ نئين قسم جي فولادي ڪڻڪ پيدا ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب انٽرنيشنل ميز اينڊ ويٽ امپروومينٽ سينٽر جا سائنسدان زنڪ جي طاقت سان ڀرپور مڪئي جي ڪڻڪ جي پيداوار تي ڪم ڪري رهيا آهن جنهن جي مدد سان ڪروڙين انسانن جي ضرورت پوري ڪئي ويندي. زنڪ جي طاقت سان ڀرپور ڪڻڪ جي مدد سان غذائي کوٽ جو شڪار ماڻهن کي اوتري ئي توانائي ملندي جيتري گهربل هوندي آهي. ٽيم جو چوڻ آهي ته ايندڙ 10 سالن ۾ اها ڪڻڪ 80 سيڪڙو تائين استعمال ڪئي ويندي. هن وقت زنڪ جي مدد سان ٺاهيل ڪڻڪ دنيا ۾ رڳو 9 سيڪڙو ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن.