ن ليگ ۾ ڌڙا بندي ناهي، ڊار جون ڄنگهون ڇڪڻ بدران کيس مضبوط بڻايو وڃي: مريم نواز

0
189
ن ليگ ۾ ڌڙا بندي ناهي
ن ليگ ۾ ڌڙا بندي ناهي، ڊار جون ڄنگهون ڇڪڻ بدران کيس مضبوط بڻايو وڃي: مريم نواز

لاهور: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نون ليگ اندر ڪا به ڌڙا بندي نه آهي، اسحاق ڊار جون ڄنگهون ڇڪڻ بدران کيس مضبوط بڻايو وڃي، پارٽي پهاڙ جيان آهي جيڪو به ان تان ڪرندو ان جي حيثيت پٿر واري هوندي
مريم نواز وطن واپسيءَ تي لاهور ۾ جلسي کي خطاب دوران چيو ته مان نه ٿي سمجهان ته شاهد خاقان پارٽيءَ اندر ڌڙو ٺاهڻ جو سوچيو به هوندو
هن چيو ته نواز شريف جلد عوام جي وچ ۾ هوندو، نوازشريف خلاف سازش ڪندڙ سمورا ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي ويا
مريم نواز چيو ته فرعون بڻجي حڪومت ڪندڙ شخص پنهنجيون حڪومتون پاڻ ختم ڪيون، هاڻي هن جو نصيب روڊن رستن تي نڪري روئڻ ئي آهي
مريم نواز چيو ته نون ليگ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي، نيون ذميواريون ملڻ کانپوءِ هاڻي هڪ ڏينهن لاءِ به خاموش نه ويهنديس

هن کي به پڙهندا

مريم نواز جي پاڪستان آمد تي آجيان جون تياريون