گهوٽڪي (رپورٽر) مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر سيد شاھ محمد شاھ چيو آهي ته ن ليگ سنڌ جي ڪارڪنن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف ڪارڪنن کي جائز مقام ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ڪارڪنن جي مايوسي جلد ختم ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن گهوٽڪيءَ ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. ن ليگ سنڌ جو صدر ۽ صوبائي ميڊيا ڪو آرڊينٽر خالد حسين شيخ ن ليگ ھائوس پهتا ته حافظ محمد صادق سميجو، صالح آصف سميجو، اقبال احمد چنه، غلام شبير واسو ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو. شا ھ محمد شاھ ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ وزير اعظم شھباز شريف سان ملاقات ڪري سنڌ جي ڪارڪنن جو ڪيس پيش ڪيو. ن ليگ سنڌ جي ڪارڪنن ۾ مايوسي آهي، کين پنهنجي حڪومت هوندي به نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ان تي وزير اعظم سنڌ جي ڪارڪنن کي جائز مقام ڏيارڻ جو يقين ڏياريو. انشاالله ورڪرن جي مايوسي جلد ختم ٿي ويندي.