لاهور(م ڊ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته عمران خان وٽ هاڻ عدالتن جو رستو بچيو آهي يا روڊن جو. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته عمران خان پارليامينٽ ۾ نٿو وڃي سگهي، ان جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي، وٽس هاڻ عدالت جو رستو بچيو آهي يا وري روڊن تي اچڻ جو. هن چيو ته ڪراچي ۾ پ پ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، ن ليگ ته ختم ئي سمجهو، لڳي ٿو ن ليگ ته صفا گهٻرائجي وئي، انهن جو ووٽ ته نظر ئي نه پيو اچي. نواز شريف جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ن ليگ قائد جو موٽڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، جڏهن کان اهو الزام لڳو آهي ته نواز شريف لنڊن ۾ ويهي سازش ڪئي، ان سازش تحت ارشد شريف کي قتل ڪيو ويو، پوءِ عمران خان کي گوليون هنيون ويون، لنڊن پوليس ان معاملي کي وڏي سنجيدگيءَ سان ڏسي رهي آهي. اعتزاز احسن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ ارشد شريف جي ڪيس ۾ ملوث ناهي ته لنڊن ۾ تسنيم حيدر خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪري.