لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جا پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت سان رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پارٽي قيادت کي رابطا ڪندڙ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن بابت باقاعده پاليسي ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته مسلم ليگ(ن) جي صرف ان قومي اسيمبلي ميمبرن سان ٽڪيٽ جي حامي ڀري وڃي جنهن کي اسان ايڊجسٽ ڪري سگهون ٿا. پي ٽي آءِ چيئرمين پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهڙا ليگي اسيمبلي ميمبر جنهن کي اسان ٽڪيٽ جي لاءِ ايڊجسٽ نٿا ڪري سگهون انهن سان ڪوبه غلط واعدو نه ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان چيئرمين عمران خان کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسلم ليگ(ن) جي رابطه ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جو انگ تقريبن 15 آهي ان سلسلي ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهي ليگي ميمبر اعتماد جي ووٽ ۾ غير حاضر هوندا يا اسان جي هدايتن موجب هلندا. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن بريفنگ ۾ دعويٰ ڪئي ته اعتماد جي ووٽ جي معاملي تي مسلم ليگ(ن) جا رابطا ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبر پي ٽي آءِ قيادت سان پنهنجي ڪمٽمينٽ پوري ڪندا.