ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ نواز ليگ جو اُميدوار تڪراري هو، اڪثريت هجڻ سبب اپوزيشن ليڊر جي عهدي تي  پ پ جو حق آهي، افسوس جو مريم نواز سوڌو ٻيا ماڻهو پ پ مٿان تنقيد ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چاهيون ٿا ته پي ڊي ايم اتحاد برقرار رهي، اپوزيشن متحد هوندي ته عمران خان کي نقصان پهچائي سگهنداسين، اسان پنجاب ۾ سينيٽرز جي بنا مقابلي چونڊجڻ تي ڪوبه اعتراض نه واريو هو، سينيٽ ۾ حڪومتي ميمبرز پيپلز پارٽي جي حمايت ڪئي ته اُن ۾ اپوزيشن جو فائدو آهي، وزيراعظم يا پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ تڏهن ڪاميابي ٿيندي، جڏهن حڪومتي ميمبرز اپوزيشن جو ساٿ ڏيندا، پ پ چيئرمين طرفان سينيٽ چيئرمين جي چونڊ بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيوويو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز ليگ نظرياتي ڪردار ادا ڪندي رهي ۽ غير ضروري الزامن کان پاسو ڪري، پي ڊي ايم جو اتحاد ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نٿو هلي سگهي، نواز ليگ سوڌو مريم نواز جو احترام ڪيان ٿو، ن ليگ جو سينيٽ لاءِ اپوزيشن ليڊر تڪراري هو، يوسف رضا گيلاني غير تڪراري سياستدان آهي، اپوزيشن ليڊر تي ڪنهن کي اعتراض نه هئڻ گهرجي، مريم نواز سميت ٻين پ پ خلاف بيان بازي ڪئي، ن ليگ اڳواڻن سميت مريم نواز جو احترام ڪريان ٿو، بلاول ڀٽو چيو ته مان ڪنهن جي به بيان  تي ردعمل نه ڏيندس، ن ليگ نظرياتي ڪردار ادا ڪري، الزام لڳائڻ کان پاسو ڪري، حڪومت کي گهر ۾ گهڙي شڪست ڏني، سمجهان ٿو ته اپوزيشن جو ڪو به نقصان ناهي ٿيو، پي ڊي ايم جو بنياد مون رکيو، پي ڊي ايم ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نه ٿو هلي، مان پي ڊي ايم کي نقصان پهچائڻ نه ٿو چاهيان، خواهش آهي ته پي ڊي ايم جو اتحاد برقرار رهي، 5اپريل تي سي اي سي جو اجلاس سڏايوآهي، اجلاس ۾ پي ڊي ايم بابت فيصلا ڪيا ويندا، اسٽيٽ بينڪ بابت آرڊيننس غيرقانوني آهي، هن چيو ته هي آرڊيننس ملڪي خودمختياري تي حملو آهي، حڪومت اسٽيٽ بينڪ بابت آرڊيننس واپس وٺي، ان آرڊيننس کي هر فورم تي چئلينج ڪنداسين، تيل بحران پيدا ڪري ڪجهه شخصيتن کي فائدو پهچايو ويو، تيل بحران سان عوام کي نقصان ٿيو‏، رڳو نديم بابر نه وزيراعظم سميت ڪابينا کي هٽايو وڃي.