ن ليگ جا اندروني تضاد ۽ ڊيل جون ڳالهيون

0
368

ن ليگ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اها واحد جماعت آهي جيڪا سوين الزامن ۽ ڪمزورين جي باوجود پنهنجي وجود کي قائم رکڻ ۾ نه رڳو ڪامياب وئي آهي پر ان پنهنجي قيادت کي يعني نواز شريف کي به پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ مضبوط کان مضبوط رکندي ثابت ڪيو آهي ته سڀئي ڪوششون جيڪي مائنس ون ۽ شين ليگ جي صورت ۾ ڪيون ويون اهي سڀ جو سڀ بي نتيجا ۽ ناڪام ثابت ٿيون آهن. پاڪستان جي سياسي تاريخ جيڪا اقتدار پرست طبقي جي داغدار ۽ بدنام رهي آهي انهيءَ ۾ ڪا جماعت جيڪڏهن سروائيو ڪري ٿي ته اها جماعت يقينن سياسي تاريخ ۾ پنهنجي حيثيت ۽ طاقت ڏيکاريندي. ن ليگ جنهن کي اسٽيبلشمينٽ اقتدار جي لالي پاپ تي جوڙايو ۽ پ پ پ کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ هنن پنجاب ڪارڊ کيڏيندي سياست ڪئي،
انهيءَ کان پوءِ هن تي تاريخ جو بدترين ۽ ڪارو دور مشرف جي آمريت ۾ شروع ٿيو بعد ۾ ن ليگ جي قيادت وقت ۽ موقعي تي پوري مهارت ۽ حڪمتِ عمليءَ سان پتا کيڏندي ميثاق جمهوريت ڪندي لڪيل طاقت جي ڪارڊن سان اڳتي وڌندي محترمه سان اهڙي سياسي ڊيل ڪئي جو محترمه اين آر او ڪرڻ کانپوءِ مشرف ۽ سندس اقتداري دور کي مجبور ڪيو ته هو نواز شريف آڏو رڪاوٽ ۾ نه اچن. انهيءَ کان پوءِ 2007ع جي اليڪشن ۾ ڪافي رڪاوٽن جي باوجود اڳتي وڌي محترمه جي شهادت کان پوءِ مشرف دور جي مخالف ڌارا طاقتور طوفان بڻجي وئي ۽ ان دور ۾ آصف علي زردار جي چالاڪ چالن سان نواز شريف وڌندي ججن جي بحاليءَ تي اهڙي حڪمتِ عملي اختيار ڪيائين جو پوري سياسي ماحول ۾ پنهنجو سياسي مورال بلند ڪندي پ پ پ جي مظلوم ۽ طاقتور سياسي قلعي کي ڏار وجھي ڇڏيا.
اهڙي صورتحال ۾ ڪير سوچي نه پئي سگھيو ته محترمه جي شهادت کان پوءِ اقتدار جي سياسي سگھه ن ليگ سياسي چالن سان طاقتور ڪري ويندي بيشڪ انهيءَ ۾ آصف زرداريءَ جي غير سياسي حڪمتِ عملي ۽ ياريون دوستيون اقربا پروري ۽ نواز بازي بنياد هو پر نواز شريف پنهنجي سياسي چالن ۾ ثابت ڪيو ته هو ڪمزور کيڏاڙي ناهي. اسان جا دانشور جيڪي سياسي بحث مباحثن ۾ آسماني اڏام ڪندا آهن انهن هر وقت هن کي ڪمزور سياسي عقل رکندڙ ۽ مغرور ڪردار سمجھو، ليڪن هن ثابت ڪيو ته هو اهو ناهي جيڪو کيس سمجھو ٿو وڃي. پنجاب جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جو صوبو سڏبو رهيو آهي ۽ ملڪي سياست ۾ هن جو ڦهلاءُ باقي ٻين صوبن کان وڌيڪ هوندي پارليامينٽ ۾ ديو جي هٿ جيان طاقتور رهيو، انهيءَ پنجاب ۾ ن ليگ پنهنجي سياسي حڪمتِ عملين سان نه رڳو مخالفن کان بچندي طاقتور رهي پر جڏهن اسٽيبلشمينٽ هن جي چير ڦاڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ جون اها سڀئي نشتر مڏا ٿي ويا جيڪي کيس چيري ڦاڙي سگھن پيا. مشرف دور کان وٺي هن مهل تائين تمام وڏين ڪوششن جي باوجود هڪ ق ليگ کان وڌيڪ پنجاب اسٽيبلشمينٽ کي ڪو به تحفو ڏئي نه سگھيو. عمران خان جنهن سوناميءَ جو تاثر ڏيندي تبديلي جو انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ان به ن ليگ کي لوڏو نه ڏنو.
هن حقيقت کي سامهون رکندي عمران خان جيڪو ڪمپروومائيز ۽ ڊيل کي حقارت جي لفظن سان بيان ڪندو هو تنهن هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ تاريخ جو اهڙي ڪمپرومائيز ڪيو جنهن ۾ کيس تمام گھڻيون ڏکايون ۽ رسوايون مليون آهن. هو سوچي به نه پيو سگھي ته جنهن کي حقارتي لفظ مافيا سان ڀيٽي رهيو هو چور ۽ ڊاڪو چوندي هن جي سياسي قدبت کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو اهو نواز شريف نه مٽجندڙ تصور جيان پنجاب جي سياسي بينر تي اڀرندو رهندو. ڇا اهڙي جماعت جنهن کي نه برو وقت ٽوڙي سگھيو نه اقتدار جو لالي پاپ پاڻ ڏانهن گھلي سگھيو نه اها جماعت وڏي نظرياتي ۽ جدوجهد جي تاريخ ٿي رکي اها جماعت هزارين ڪوششن کان پوءِ به جيڪڏهن سياسي بارگيننگ ۾ ايڊجسٽ نٿي ٿي سگھي ته ان جماعت کي ڪهڙن بنيادن تي سياسي ڊيل ۾ آندو ويندو.
هن وقت جيڪا ملڪ جي صورتحال آهي ۽ پرڏيهي حالتون جنهن تيزيءَ سان پنهنجا پاسا بدلائن پيون انهن حالتن ۾ ڇا اهو ممڪن آهن ته هڪ ڪمزور سياسي حڪومت نتيجا ڏئي سگھي ۽ جيڪڏهن انهن حالتن کي سامهون رکندي نواز شريف پنهنجو ٻيو پتو يعني مزاحمت جو ڦٽي ڪيو ته پوءِ سياسي جي ٽيبل تي ڪهڙو ماحول پيدا ٿيندو؟ ڇا اسٽيبلشيمنٽ انهيءَ سڄي صورتحال کان واقف ناهي، ڇا هو نٿا سمجھن ته ن ليگ ڀلي مزاحمتي تاريخ نه رکندي هجي پر هن جي لاءِ مزاحمت ڪرڻ ڪو ڏکيو عمل نه هوندو تنهن ڪري اهو سمجھه ۾ نٿو اچي ته موجوده حالتن ۾ اسٽيبلشمينٽ وٽ ن ليگ جي يعني نواز شريف جي مفاهمت کان سواءِ ڪو ٻيو مضبوط ۽ پختو سياسي حل موجود ٿي سگھي ٿو.
ڀلي پ پ پ ۽ ٻيون جماعتون پنهنجون خدمتون جنهن به انداز ۽ جيتريون به آڇن اهو سودو اسٽيبلشمينٽ جي فائدي ۾ نٿو ٿي سگھي. هن وقت حالتن ۾ تبديلي اها آئي آهي ته هاڻي ملڪي ڍانچو گونگي گانءَ سان نه هلندو، سياسي بارگيننگ جي تيز ۽ چالاڪ طاقت رکندڙ اسٽيبلشمينٽ اهو به ٺيڪ طرح سان سمجھي ٿي ته ٽي دفعا اقتدار ۾ رهندڙ نواز شريف پنهنجا تعلقات ۽ سياسي اثر ملڪ جي ڪهڙن ڪهڙن ادارن ۾ ڪيتري حد تائين رکي ٿو. اسان ايتريون ئي حقيقتون اخباري مجبورين سبب بيان نٿا ڪري سگھون پر پڙهندڙ ۽ ڄاڻو ماڻهو سمجھن ٿا ته هاڻي حالتون نه چاهيندي به مجبور ڪنديون ته اهو هٿ ن ليگ ڏانهن وڌندو جيڪو هر وقت انڪار جي لوڏي ۾ رهيو آهي. تلخ حقيقتون اهي سڀ ڪجھه ڪرائينديون آهن جيڪو فرد ۽ گروھه نه ڪرڻ چاهيندو آهي پر هاڻي صورتحال ان طرف وڌي پئي ته پلڙو ن ليگ جو ڀاري ٿيندي نظر پيو اچي، اهوئي سبب آهي جو ڪشمير جي اليڪشن ۾ مريم نواز کلي طرح سان اليڪشن مهم هلائي پئي ۽ نواز شريف جي بيانيي کي فاتحاڻي انداز ۾ مسڪرائيندي ورجائي ٿي.
بيشڪ ن ليگ جي اندر ٽڪراءَ ۽ مزاحمت کان گھٻرائيندڙ هڪ چڱو خاصو گروھه موجود آهي، ليڪن ان گروھه جو سياسي مورال ايترو ڪمزور بڻجي ويو آهي جو هو وڏي طاقتور انداز سان اختلاف نٿو رکي سگھي يعني هن وقت نواز شريف جي بيانيي ان تضاد کي ڪمزور ۽ ماٺو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ “ چونڪه چناچه” جي ٻولي ڳالهائي پيو. لڳي پيو ته ن ليگ پنهنجي داخلي تضادن کي پوري طرح پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻيندي هن وقت اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي ٽيبل تي ڳالهين جي دعوت ڏئي رهي آهي. انهيءَ حقيقت کي پ پ پ به سمجھي پئي جو بلاول تنقيد ڪندي پيرن پڪڙڻ جي طنز ڪئي ليڪن مريم نواز پختي چالن سان وٺ جواب ۽ ڏي جواب جي ٻاراڻي سياست نه پئي ڪري ۽ نه وري پنهنجي اتحادين کي ڪنهن ڏکي امتحان ۾ ٿي وجھڻ چاهي.
ڪشمير جي اليڪشن کان پوءِ لڳي ٿو ته ڪا خاموش ڊيل اهڙي ٿي وڃي جيئن نواز شريف ملڪ کان ٻاهر نڪري ويو اهڙي طرح نئين ڊيل ۾ ڪجھه ٻيون قوتون آسيريون پاسيريون ٿي وڃن، جنهن جو امڪان وڌيڪ چٽو ٿيندي نظر پيو اچي.
اسان جي وزير اعظم جي باڊي لينگوئج ٻڌائي پئي ته هن جي اتحاد جي مٺ ڪمزور ٿي رهي آهي، سڀاڻي هو اهڙو فيصلو به ڪري سگھي ٿو جو پاڻ کي تاريخ جي وڌيڪ تنقيد کان بچائي سگھي. ليڪن پنهنجي بحث جو نقطو جيڪو آهي انهيءَ کي آڏو رکندي جڏهن صاف پسند ۽ نا پسند جي رخن کان هٽي ڏسون ٿا ته حالتون اسان کي انهيءَ ئي طرف وڌندي نظر ٿيون اچن ته هاڻي ڳالهين ۾ نواز شريف جو پلڙو وڌيڪ ڀاري ٿيندو ٿو وڃي. اسٽيبلشمينٽ هي به سمجھي ٿي ته جيڪڏهن گھڻو وقت سياسي گهل گهلان ٿي ته هو اهو ڪجھه حاصل نه ڪري سگھندا جيڪو هاڻي ڪري سگھن ٿا. سياست جا تضاد هر وقت پنهنجا گول تبديل ڪندا رهندا آهن انهن کي ٻئي ڌريون ٺيڪ طرح سان سمجھن پيون ته وقت کي اينگھائڻ ڪنهن جي حق ۾ آهي ۽ ڪنهن جي حق ۾ نه هوندو.