لاهور (م ڊ) حافظ طاهر محمود اشرفي کي متحده عالماءِ بورڊ پنجاب جي عهدي تان هٽايو ويو، سندس جاءِ تي صاحبزاده حامد رضا کي  مقرر ڪيو ويو آهي. حاحبزاده حامد رضا کي متحده علماءَ بورڊ پنجاب جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، صاحبزاده رضا خان اڄ وزيراعليٰ پنجاب سان لاهور ۾ ملاقات ڪندو. ياد رهي ته طاهر اشرفي وفاقي وزيرن مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جي ڪيس جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن ڪري کيس هٽايو ويو.