اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ٻن صوبن ۾ نگران حڪومت جي 90 ڏينهن جي مدت کان وڌيڪ وقت قائم رهڻ جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، صدر علوي وزيراعظم کي چوڌري فواد جو خط اماڻيو، خط ۾ صدر علوي وزيراعظم کان ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير جي اٿاريل سوالن تي غور ڪرڻ جو چيو آهي. فواد چوڌري صدر کي لکيل خط ۾ چيو هو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ نگران حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن، آئين ۾اهڙين حڪومتن کي مدي کان وڌيڪ جاري رکڻ جو ذڪر ناهي.