لاهور (شوبز نيوز) لاهور جي مقامي عدالت اداڪاره ميرا جي وڪيلن کي نڪاح مٿان نڪاح واري ڪيس ۾ بحث لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي، اداڪاره ميرا تڪذيب نڪاح ڪيس ۾ فيملي ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سيشن ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرايل آهي، جنهن ۾ هن جو موقف آهي ته عتيق الرحمان هن جو مڙس نه آهي، فيملي ڪورٽ حقيقتن جي برعڪس فيصلو ٻڌايو، عتيق الرحمان عدالت کي گمراهه ڪيو ان جي ڪري عدالت فيملي ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيئي، ٻڌڻي دوران اداڪاره ميرا جي وڪيلن هڪ ڀيرو ٻيهر بحث لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت ناراضگي جو اظهار ڪندي کين آخري مهلت ڏيندي وڌيڪ ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي لاهور سيشن ڪورٽ جي ايڊيشنل سيشن جج راءِ خان محمد ڪئي