اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جَي ساٿي ۽ پي ٽي آءِ جَي سينيئر اڳواڻ کي نٿيا گلي ۾ لکين ڊالر وارِي  هوٽل جِي اڏاوت جو ٺيڪو ملي ويو، وزيراعظم اُنهي ڪمپني کان چندو ورتو هو، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊونر ممتاز احمد مسلم پي ٽي آءِ کي 24 هزار ڊالرز کان وڌيڪ چندو ڏنو هو، عمران ان ڪمپني کان چندو ورتو جنهن جو ڪاروبار آمريڪي فورسز کي عراق ۽ افغانستان ۾ سيڪيورٽي گارڊ فراهم ڪرڻ هو، عمران سدائين آمريڪي جنگ جو مخالف رهيو آهي، ممتاز مسلم بيرل هوٽلز جو مالڪ آهي، پينڊورا پيپرز ۾ شامل 14 آفشور ڪمپنين واري اسڪينڊل ۾ به ممتاز احمد جو نالو آيو هو، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ممتاز احمد مسلم اوپن بڊنگ ذريعي هوٽل جو ٺيڪو ورتو، سندس سيڪيورٽي ڪمپني بابت ڄاڻ نه آهي.