کٽمنڊو (م ڊ) نيپال ۾ هڪ جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 67 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب نيپال جي پوکرا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي کٽمنڊو کان ايندڙ جهاز لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن سبب جهاز کي باهه وڪوڙي وئي. جهاز ۾ عملي سميت 68 سوار هئا، حادثي بعد هوائي اڏي کي سمورين اُڏامن لاءِ بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي امدادي ڪارروائيون جاري  آهن.