نيپال ۾ جهاز ڪري تباهه، 40 لاش ڪڍيا ويا

0
239
نيپال ۾ جهاز ڪري تباهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ هڪ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ 72 مسافر سوار هئا، شروعاتي طور ٻڌايو پيو وڃي ته ملبي مان 40 لاش ڪڍيا ويا آهن

نيپال جي عملدارن موجب پوکهرا ايئرپورٽ تي هڪ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ 72 مسافر سوار هئا

نيپال جي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان موجب حادثي بعد هن وقت تائين 40 لاش ڪڍيا ويا آهن

ييٽي ايئر لائنز جو جهاز کٽمنڊو کان پوکهرا وڃي رهيو هو ۽ لينڊنگ جي وقت ڪري تباهه ٿي ويو

ترجمان جگناٿ نيرولا موجب جهاز ۾ عملي جي چار ميمبرن سوڌو 68 مسافر سوار هئا ۽ انهن مسافرن ۾ 53 نيپالي ۽ پنج انڊيا جا شهري شامل هئا