نيٺ ڇا ٿيندو بحريا ٽائون معاملي ۾ سنڌ سرڪار ملوث قرار: صنعان قريشي سوڌو گرفتار ٿيل ڪارڪن آزاد ڪري ڪيس ختم ڪريو: عوام

0
433

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بحريا ٽائون معاملي ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪيون ويون آهن، ان سڄي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ان سڄي معاملي ۾ سنڌ سرڪار ملوث آهي، احتجاج پرامن هو، جنهن کي سازش تحت پرتشدد بڻايو ويو، صنعان قريشي سوڌو گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي آزاد ڪري انهن مٿان داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن، گرفتارين ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي رضا ٻرڙو لکيو ته پرامن احتجاج کي پرتشدد ڪري پيش ڪيو ويو اهو عمل غلط آهي پ پ سرڪار ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، خادم گهراڻو لکيو ته بحريا ٽائون تي سڄي سنڌ اٿلي پئي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ صحيح نه آهي، اسحاق ساگر ڀٽي لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي پر امن احتجاج کي هٿ وٺي ناڪام ڪرڻ لاءِ سازش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت ملوث آهي، بحريا ٽائون جي دروازي کي شر پسندن باھ ڏني، احتجاجي ڌرڻي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل سمورا ماڻهو پر امن هئا، ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري قابل مذمت آهي، منير گائنچو لکيو ته سنڌي قوم جو ڌرتي خاطر متحد ٿيڻ سازشي عنصرن کان برداشت نه ٿيو، سارنگ منير سومرو لکيو ته ھي سڀ سنڌ سرڪار جون نوازشون آھن، رسول بخش جوڻيجو لکيو ته پ پ سرڪار ڀلي ڪجهه به ڪري پاڻ ڦاسندي، نماڻو نوناري لکيو ته پرامن احتجاج کي پرتشدد ڪيو ويو، سنڌي ماڻهن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، آفتاب لغاري لکيو ته سنڌي قوم ڪامياب ڌرڻو هنيو اتي جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي ذميوار سنڌ سرڪار ۽ بحريا انتظاميا آهي، خليل سهتو لکيو ته اسانجي پر امن احتجاج کي بحريا جي ملازمن ۽ پ پ سرڪار گڏجي واقعو ڪرايو، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ انتهائي شرمناڪ عمل آهي ان جي مذمت ڪريون ٿا، بشير ميراڻي لکيو ته بحريا انتظاميا پاڻ ذميوار آهي ڌرڻي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪوشش ڪئي وئي، علي دوست چانڊيو لکيو ته ان ۾ نظم ۽ ضبط نه هيو جيڪڏهن قوم پرست قيادت اتي پنهنجي سيڪيورٽي مقرر ڪري ها ته قبضا مافيا کي اهڙي ڊرامي ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي ها، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته زمين به سنڌين جي آهي، لقمان کوسو لکيو ته صنعان قريشي کي آزاد ڪيو وڃي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سنڌ حڪومت پرامن ڌرڻي کي پرتشدد بڻايو، ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، مظفر شبير بوزدار لکيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو غلط آهي، عبدالرزاق چانڊيو لکيو ته اھا باھه پاڻ ڏئي ڪيس وري ڪارڪنن تي مڙھيا ويا آھن، منصور منڱريو لکيو ته صنعان قريشي ڪٿي آهي؟ مجيب الرحمان لکيو ته زمين به سنڌ جي، گرفتار به سنڌي ماڻهو؟ منصور من لکيو ته ون يونٽ جي ڀرپور تحريڪ بعد سنڌي قوم جي اجتماعي جدوجهد کان خوفزدا آهن، امام بخش سنڌي لکيو ته قومپرستن تان جلد از جلد ڪيس ختم ڪري انهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽر قادرمگسي جي گھر کان پوليس کي ھٽايو وڃي، الهڏنو بلوچ لکيو ته سنڌ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي مطالبو ڪريون ٿا ته جلد ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن. غلام محمد لاشاري لکيو ته جڏهن بحرياٽائون جو گيٽ بند هيو هٿ سان ڪيميڪل هاري باھ ڏني ويئي، جنيد جمالي لکيو ته جيڪڏهن عوام احتجاج ڪري ته دهشتگردي آهي پر پي ڊي ايم وارا احتجاج ڪن ته جمهوريت آهي ٻٽي معيار جي مذمت ڪجي ٿي، مقبول چارڻ لکيو ته جيڪو حق جي ڳالهه ڪري ٿو ان کي دهشتگرد قرار ڏنو وڃي ٿو، منيش واسو لکيو ته ملڪ رياض سنڌين کان ڀڳڙن مٺ زمينون ورتيون، عليشه ميمڻ لکيو ته بحريا ٽائون سنڌين جو آهي، هالار ياسين لکيو ته گرفتاريون سنڌين جي حوصلن کي ختم نه ڪنديون جدوجهد جاري رهندي، ايڊووڪيٽ غلام اڪبر ٽنگڙي لکيو ته پر امن احتجاج کي پرتشدد ڪري پـيش ڪيو ويو، بيگناهه ماڻهن تي ايف آءِ آرون داخل ڪيون پيون وڃن، فيصل هنڱورجو لکيو ته بحريا ٽائون جي واقعي جي زميوار نااهل حڪومت آهي، ڊي ڪي بلوچ لکيو ته صنعان خان قريشي کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي، صنم بلوچ لکيو ته سنڌ اسان سنڌين جي آهي، اسد پتافي لکيو ته ڌرڻي سان بحريا کان وڌيڪ پ پ کي ڪاوڙ آهي، ذاڪر کوسو لکيو ته سنڌ سرڪار گرفتاريون ڪرائي رهي آهي، جي ايم ڪليري لکيو ته پ پ جو خاتمو ايندو، عثمان پنهور لکيو ته اهو غلط عمل آھي، فهد اياز سنڌو لکيو ته سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سڪندر بلوچ لکيو ته پر امن احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪريون ٿا،آفتاب ڪيريو لکيو ته ھي عمل انتھائي خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو، شاهد شر لکيو ته سڄي معاملي ۾ سنڌ سرڪار جو هٿ آهي، مهاوير ٽيڪواڻي ۽ راجا مهر لکيو ته گرفتارين ۽ ڪيسن جي مذمت ڪريون ٿا، گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪري ڪيس ختم ڪيا وڃن، طارق راڄپر لکيو ته سنڌ حڪومت جي اهڙي عمل تي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي، لال محمد رند لکيو ته سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته ڪير به حقن لاءِ آواز نه اٿاري، عزيز ڏاهري لکيو ته ڪيس، گرفتاريون سنڌي ماڻهن کي هيسائڻ ۽ جدوجهد تان هٿ کڻائڻ لاءِ آهن،مهدي حسن سومرو لکيو ته ڪيس داخل ڪرڻ جي مزمت ڪيون ٿا. اسد انڍڙ، ذوالقرنين لنڊ، آصف علي چانڊيو، نصير احمد، سڪندر علي، عبدالصمد، غلام مرتضيٰ شر، محبوب علي، علي اصغر راڄپر، وقار احمد ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.