ڪراچي ۾ سنڌين جا ڪارڊ ٺهڻ يا نه ٺهڻ جو فيصلو وزيراعظم ڪندو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي اهڙي بيان تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو، شيخ رشيد جي بيان جي مذمت ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ماڻڪ ڪنگراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ سنڌين جا ڪارڊ نه ٺهندا ته پوءِ ڪنهن جا ٺهندا؟ شيخ رشيد کان اهو پڇاڻو ڪجي. مصطفيٰ ميمڻ لکيو ته اهو فيصلو يوٽرن وزيراعظم ڪندو، مصطفيٰ کهاوڙ، تنوير حسين ۽ ٻين شيخ رشيدجي بيان جي مذمت ڪئي. دودو چانڊيو شيخ رشيد جي بيان واري وڊيو شيئر ڪئي جنهن تي عائشه ڌاريجو، سورٺ ٿيٻو، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، منير خاصخيلي، مصطفيٰ ڪنڀر، عزيز کوسو، علي انور، سيما شيخ، شاهده نور، ممتاز هنڱورجو، تسنيم حسن، زيب سنڌي، اسمه ٻرڙو، جان محمد انصاري، اشرف پلي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، نندلال منگهواڻي گهرو وزير جي بيان جي مذمت ڪئي. نصير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شيخ رشيد پاران سنڌين جي سڃاڻپ ڪارڊن بابت ڏنل بيان ان ڳالھه کي ٻيهر واضح ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ دشمنيءَ تي لٿل آهي. سنڌ جي ٻيٽن، اسپتالن ۽ ڪراچيءَ جي معاملن تي وفاقي حڪومت جو سنڌ ڏانهن پهرين ڏينهن کان رويو ڪالونيءَ وارو آهي. سنڌ حڪومت کي هن معاملي تي سخت موقف رکڻ گهرجي پر اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن سنڌ واسي ان معاملي تي هڪ آواز ٿي بيهندا. شيخ رشيد جي بيان مان ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ جي دور ۾ داخل ٿي وئي آهي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حفيظ ڪنڀر لکيو ته سنڌ کي ڪالوني بڻايو ويو آهي، علي رضا ٻرڙو لکيو ته ليڊرشپ جو بحران جو نتيجو آهي، رفيق شيخ لکيو ته سنڌي متحد آهن، محمد خان شيخ لکيو ته حقيقت ۾ سنڌي انهن کي وڻن نٿا، ايڊووڪيٽ عبدالسلام سومرو لکيو ته سڄي مهرباني پ پ وارن جي آهي.علي اورنگزيب لکيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نٿا ڏين، سنڌ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، امام علي نوحاڻي لکيو ته شيخ رشيد چوي ٿو ته سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ ڪراچي ۾ نه ٺهندا وزيراعظم ان جو فيصلو ڪندو سنڌ هنن جي آهي ڇا؟ موسيٰ لاکو لکيو ته اهو بيان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پ پ پنهنجي ڌرتي جي مالڪي نٿي ڪري.جاويد حسين سولنگي لکيو ته اسان کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ گهرجي. سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شيخ رشيد سنڌ جي تاريخ کان شايد واقف ناھي ھي ته سنڌ جي ٽيڪس مان پگھار کڻي ٿو، هي اهو ئي ساڳيو آهي جنھن ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ به چيو ته جيڪو به ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندو ان کي ڪچليو ويندو ۽ ان وقت ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ نه رڳو سنڌ ليول تي ھلي پر پنجاب لاھور ملتان ۾ به زبردست احتجاج ڪياسين، هن ۾ دم هو ته روڪي ڏيکاري ها جنهن تي حنيف چانڊيو لکيو ته سنڌين کي به نادرا وارا ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ لاءِ رلائن ٿا، ڪڏهن چون ٿا ڳوٺ جي ايڊريس آهي، گهر پنهنجو ڪونهي، نڪاح نامو ڪونهي، ٿاڻي تان ويري فائيو ڪرائي اچو، ڪرايو نامو کڻي اچو، ايترو ڌارين کي تنگ نٿا ڪن جيترو ڌرتي ڌڻين کي ڪن ٿا. دلدار چانڊيو لکيو ته جنهن کي پنهنجي به خبر ناهي اهي چون ٿا ته سنڌي جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو فيصلو عمران ڪندو. دليپ اوڍاڻو لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، شڪيل ڇڄڙو شيخ رشيد جي بيان جي مذمت واري پوسٽ شيئر ڪئي. طارق خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شيخ رشيد پاران ڪراچي ۾ سنڌين جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھڻ جي حوالي سان ڏنل بيان جي سخت مذمت ڪريون ٿا. عاطف لوهار لکيو ته ڪراچي شهر سنڌين جو آهي، آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شيخ رشيد ۽ سندس مالڪـن جي ٻولي مان اندازو ڪري وٺو سنڌ کي ڪنھن عالمي سازش تحت ورهائڻ جي سازش پيا ڪن.جنهن تي الله بخش ڪنڀر لکيو ته شيخ رشيد بهارين جي حمايت ڪري رهيو آهي، سڪندر علي سيد لکيو ته سنڌ سنڌين جي آهي انهن جا ڪارڊ ٺهڻ گهرجن.محمد رمضان ملاح لکيو ته بلڪل اها سازش لڳي رهي آهي. اياز علي لکيو ته اسان ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو.گلزار حيدر دلواڻي لکيو ته سازشون وڏيون آهن.عمر ٿيٻو لکيو ته سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهڻ جو ڪو جواز ناهي. حسين مسرت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌين کي ڪراچي ۾ شناختي ڪارڊ ڏجن يا نه ان جو فيصلو ھاڻ اسلام آباد ۾ ويٺل عمران نيازي ڪندو، ڪراچي سنڌ جو شھر آھي يا خيبر پختونخواھ جو؟ حد آھي ھي ته ون يونٽ جا آثار پيا لڳن . جنهن تي عابد ايچ سومرو لکيو ته اها انهن جي دلي خواهش ته صدين کان آهي ۽ رهندي پر هاڻي زميني حقيقتون مٽجي چڪيون آهن، ٻوڏ سبب جيڪي سنڌي ڪراچي آيا آهن اهي واپس ناهن ويا هاڻ اهي اتان جا ٿي ويا آهن، ڀلي انگ اکر گڏ ڪجن ڪراچي جي هر علائقي ۾ سنڌي وڏي انگ ۾ موجود آهن. ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي جي حال توڙي مستقبل جو فيصلو فقط سنڌي قوم کي حاصل آهي ٻئي ڪنهن جو به مڙهيل فيصلو سنڌي قوم قبول نه ڪندي.ايازکوسو لکيو ته شيخ رشيد جي بيان جي مذمت ڪريون ٿا، ذوالفقار جمالي لکيو ته سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي ان سان هٿ چراند برداشت نه ڪئي ويندي. اعجاز راهمون لکيو ته سنڌ ۾ ڌارين خلاف ڪير قدم نٿو کڻي؟ سجاد حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاهور ۾ پنجابين جا ڪارڊ ٺهڻ گهرجن يا نه اهو ته چئي ڏيکاري، ، سنڌ سرڪار مذمت ناهي ڪئي ؟ نظير بلوچ لکيو ته ڪارڊ ملڪ جو ٺهندو آهي ڪنهن شهر جو نه، اجايو بحث بدران سنڌ کي لٽيندڙن جو گهيرو ڪرڻ گهرجي، جيڪي سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪري رهيا آهن. اعجاز نظاماڻي لکيو ته پ پ سنڌ جي وسيلن جي مالڪ آهي باقي سنڌ ۽ سنڌين جي باري ۾ ڪير ڇا ٿو چوي انهي سان انهن جو واسطو ناهي، سنڌ جي وحدانيت جي معاملي تي سنڌ حڪومت کي اسٽينڊ وٺڻو پوندو.ڪشمير سومرو، بدرالدين واهوچو، حاجي علي حسن پنهور سنڌ سرڪار پاران ردعمل نه ڏيڻ تي ان مٿان تنقيد ڪئي.محمد علي نومڙيو لکيو ته هر صوبي جي ماڻهن جا ڪارڊ انهن جي شهرن ۾ ٺهن ٿا پوءِ سنڌين جا ڇو نه؟ آفتاب ڀٽو، ممتاز احمد ڪيريو، سلار خان کوسو، فتاح منگي، افروز ڪٽپر، ارباب وڳڻ ۽ ٻين شيخ رشيد جي بيان جي مذمت ڪئي. فرحان انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شيخ رشيد جي نظر ۾ سنڌي ۽ بهاري ساڳئي ڳالهه آهن، چوي ٿو ته سنڌين کي ڪراچي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏجن يا نه ان بابت وزيراعظم فيصلو ڪندو. مجاهد حسين سيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ساڃاهه کي شيخ رشيد جي بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسان جي قسمت ۽ ڌرتي جا فيصلا پيا ٿين اسان کي جاڳڻو پوندو، نصرت سحر عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شيخ صاحب ! نه ڇيڙ ملنگا نون، فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌين جا ڪراچي ۾ ڪارڊ ٺهن يا نه ٺهن اهو فيصلو وزيراعظم ڪندو اهڙي ڳالهه وفاقي گهرو وزير پيو ڪري، سنڌين کي ڪيڏانهن ڌڪڻ چاهيو ٿا؟ طاهرا ستار، محسن رند،سماعيل مهر، گهنشام ميگهواڙ، محمود خان چاچڙ،طارق ميتلو، عاقب علي، جبران زيب، انيلا رفيق ملاح، محسن جويو، ۽ ٻين شيخ رشيد جي بيان جي مذمت ڪئي.