نيٺ ڇا ٿيندو؟ رمضان مهيني ۾ مهانگائي وڌي وئي، سرڪاري اگهن تي عمل نه ٿو ڪرايو وڃي: عوام جون دانهون

0
597

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان جي علائقي ۾ رمضان مهيني دوران عام واهپي جون شيون مهانگيون وڪرو ٿي رهيون آهن؟ سرڪاري اگهن تي عمل ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته رمضان مهيني ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ڪيو وڃي، ريٽ لسٽون نظر نٿيون اچن، اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ رمضان مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي زوار عبدالڪريم مغيري لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڀاڄيون، گوشت، هر شيءِ جا اگهه وڌي ويا آهن، اورنگزيب لغاري لکيو ته پير جو ڳوٺ ۽ صدرجي ڀٽيون ۾ دڪاندار ھر شئي من پسند ريٽ تي ڏئي رهيا آھن ۽ دڪانن تي ريٽ لسٽ به موجود ناهي، شاهد ڏاهري لکيو ته کنڊ 5 رپيا مهانگي ملي رهي آهي، رفيق چاچڙ لکيو ته ڏهرڪي ۾ ريٽ لسٽ نظر نٿي اچي، عاشق حسين لکيو ته آفيسر وزٽ ڪن ٿا ان وقت سرڪاري هلي ٿو پوءِ نه ، بخش علي مهر لکيو ته ٺڪراٺو ۾ رمضان ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، احمد شاهه لکيو ته عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، نماڻو نوناري لکيو ته ٺل ۾ ريٽ لسٽ جيڪا 5 رپين ۾ ڏيندا هئا اها ئي وڌي 10 رپيا ٿي وئي آهي، اعظم عالماڻي لکيو ته ھر شي مھانگي آهي کنڊ ١٠٠ رپيا ڪلو آهي مرغي ۴۵٠ آهي سبزي مھانگي آهي، عبدالغني کوسو لکيو ته ڀلاري مهيني جي آمد سان عام واهپي جي شين جا اگھه چوٽ چاڙھيا ويا آھن. انتظاميا خاموش ۽ تماشائي بڻيل آھي. محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته سرڪار وڃي سُک سان سمهي رهي آهي ۽ واپارين دڪاندارن کي اجازت ملي چُڪي آهي رمضان جي بابرڪت مهيني مان شين جا اگهه وڌايا ويا آهن، محمد خالد ميمڻ لکيو ته اسان جي ڦل شھر ۾ هونئن به ٻين جي ڀيٽ ۾ هٿرادو مهانگائي تمام گهڻي هوندي آھي، فخر الزمان سومرو لکيو ته هر شي ٻيڻي ريٽ تي وڪرو ٿي رهي آهي پر افسوس پرائيس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ ۽ لاڳاپيل ادارا ۽ آفيسر ننڊ ستل آهن، خادم گهراڻو لکيو ته سرڪاري اگهن تي عمل مشڪل آهي ڀاڄين وارا چوندا آهن اسان کي شي مهانگي ملي ٿي، علي رضا ٻرڙو لکيو ته پپري ڪراچي ۾ روزمره جي شين جا اگھه چوٽ چڙهيل آهن ڪوبه حڪومتي عملدار اگهن تي ضابطو نٿو آڻي، محمد رفيق بلوچ لکيو ته پکو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ عام واهپي وارن شين جي اگهن ۾ ھٿرادو واڌ ڪئي وئي آهي، گل حسن شر لکيو ته ورڪشاپ ۾ ڪا به ريٽ لسٽ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. دانش سولنگي لکيو ته پوري ملڪ ۾ ساڳيو حال آهي، مقبول چارڻ لکيو ته سرڪاري اگهه ته اڳ ئي چوٽ چڙهيل آهن پر رمضان پيڪيج تيبه عمل ناهي ٿيو، عصمت الله حسن لکيو ته ٺل ۾ هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، زاهد علي چانڊيو، اي جي بلوچ، نورالله خان، آفتاب آريسر، محمد شريف، مولائي شهبان شر، سيد صنم علي نقوي به سروي ۾ حصو ورتو، حمير گل راڄپر لکيو ته ڪرونڊي ۾ مهانگائي ٿي وئي آهي، سارنگ علي هليو لکيو ته سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ٿئي، انتظاميا خاموش آهي، غلام عباس کوکر لکيو ته نوشهرو فيروز ۾ هر شيءِ جو اگهه وڌي ويو آهي، پيار علي چانڊيو لکيو ته بلڪل اسان جي علائقي ۾ رمضان ايندي ئي مھانگائي چوٽ چڙھي وئي، پرائس ڪنٽرول ٽيمون غائب آھن، ايم يوسف لغاري لکيو ته گلاب لغاري ۾ رمضان جو مهينو ايندئي منافعي خور مافيا پاران عوام کي ڦريو پيو وڃي، قربان عالياڻي لکيو ته رمضان مهيني ۾ ليمي سوڌو ٻين شين جا اگهه وڌي ويا آهن، ايم ڪي چانڊيو لکيو ته سڪرنڊ ۾ واپاري پنهنجا من پسند اگھه مقرر ڪيو ويٺا آهن، سمير احمد لکيو ته واهي پانڌي ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي سبزيون فروٽ جا اگهه وڌي ويا آهن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ڪرايو وڃي، ايم صادق سومرو لکيو ته ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ مهانگائي وڌي آهي، عامر علي تيوڻو لکيو ته ميهڙ ۾ لاڳاپيل آفيسر فوٽو سيشن ڪري هليا وڃن ٿا، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته بلڙي شاهه ڪريم ۾ دڪانن تان ريٽ لسٽون غائب آهن، بابر ستار هاليپوٽو لکيو ته سيوهڻ ۾ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، انتظاميا ڪو تحرڪ ناهي ورتو،سڪندر بلوچ لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو آهي، علي حسن جمالي لکيو ته دادو ۾ ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي ڪئي وئي آهي، منظور زرداري لکيو ته سڪرنڊ ۾ سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ڪيو وڃي، مهراڻ علي زرداري، مهدي حسن سومرو، شنڪر باغي، پريم راٺوڙ، سفيع الله ملوڪ، شوڪت جلباڻي آدم پتافي، ثناءُالله چنا، اياز بلوچ، جنيد زرين جمالي، شوڪت هالو، تسليم چانڊيو، صدر ميراڻي، يار محمد ميمڻ، طارق راڄپر ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، منيش واسو ٿرپارڪر ۾ مهانگائي جي شڪايت ڪئي، بابر چنا ڀنگو بهڻ، ذوالفقار شر ميرپورخاص، عبدالوهاب شر ٺري ميرواهه، فدا حسين سومرو ڪوٽڙي، ساگر علي رضا سجاول ۾ مهانگائي وڌڻ جي شڪايت ڪئي، شبير کوکر، ايم يامين ، محمد هاشم شر، عبدالجبار بنڀرو، مهاوير ٽيڪواڻي، زاهد عباسي، ساگر امير حيدر، اعجاز بجير، جاويد جبار مريداڻي، وحيد ڄامڙو، سفيان ڄام انڙ، حبيب راڄپر، انيس خان جلباڻي، راجا حيدر ٿيٻو، شاهد شر، امير علي چنا، ممتاز سميجو، يونس بلوچ، ايوب شر، هزار خان، وحيد مستوئي، الطاف کوڙ، لياقت علي جهلڻ، شڪرالدين گجو، جمال الدين چنا، شبير ڪوري، غلام مصطفيٰ، آفتاب لغاري، غلام حسين ڀٽي، ڪامران سومرو، ضياءُالرحمان ناريجو، ضمير بلوچ، مسرور شر، حسين بخش نوحاڻي، اويس ملاح، عابد شر، نعمت الله نوهڙي ۽ ٻين مهانگائي جون دانهون ڪيون.