ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته استادن جي ڀرتين لاءِ ڇا فارم ڀرائڻ جي تاريخ وڌائڻ گهرجي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته استادن جون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ فارم ڀرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي ڇو ته تعليمي ادارن ۾ گهربل ڪاغذ وقت سر نه ملڻ سبب اميدوار پريشان آهن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محسن ملاح لکيو ته بلڪل فارم ڀرڻ واري تاريخ ۾ هڪ مهينو واڌ ڪئي وڃي ۽ انٽر پاس نوجوانن کي به موقعو ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته انٽر پاس نوجوانن جو تعداد وڌيڪ آهي، بابر وساڻ لکيو ته تاريخ وڌائڻ جو هاڻي ڪوبه فائدو ناهي ڇو ته لکن جي تعداد ۾ بيروزگار نوجوانن فارم ڀرائي ڇڏيا آهن هاڻي تاريخ وڌائي وئي ته وڌيڪ لکين نوجوانن کي بنا ڪنهن فرق جي لٽيو ويندو، خادم گهراڻو لکيو ته هن وقت حالت اها آهي جو جن انٽر جا امتحان 2017 ۾ ڏنو هو اسان جي شهر جي ڪاليج ۾ انهن جا پڪا سرٽيفڪيٽ اڃا نه آيا آهن، بي اي ايس سي وارا به پريشان آهن جيڪڏهن تاريخ نه وڌائي وئي ته گهڻا اميدوار رهجي ويندا، تاريخ وڌائي وڃي، پرويز علي لکيو ته اڻپورا سرٽيفڪيٽ هجڻ ڪري ڪافي اميدوار رهجي ويا. تاريخ ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي، عرفان کوسو لکيو ته تاريخ وڌائڻ گهرجي ڇو ته ڪيترائي نوجوان فارم ڀرائڻ کان رهجي ويا آهن گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو وڌائڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ چالان جي فيس گهٽ ڪئي وڃي غريب شاگرد سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن. رزاق بجير لکيو ته جن جا ڪاغذ مڪمل آھن تن کي آءِ بي اي پاران ايس ايم ايس ذريعي جواب ڏيڻ گهرجي ته اوھان جو آن لائن فارم پھچي چڪو آھي. نماڻو نوناري لکيو ته ٺل ۾ بينڪن در ئي بند ڪري ڇڏيا آهن چالان نه پيا ورتا وڃن، تاريخ وڌائي وڃي، غلام مصطفيٰ لکيو ته تاريخ ضرور وڌائڻ گهرجي، لکين نوجوان اڃا فارم ڀرائڻ کان رهجي ويا آهن، ممتاز علي سميجو لکيو ته ڪاغذ حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، رشوت جي بازار گرم آهي ڪافي اميدوار فارم ڀرائڻ کان رهجي ويندا، شنڪر باغي لکيو ته هتي قانون ۽ سرڪار نالي ڪا شي ڏسڻ ۾ نٿي اچي نه ته ٿيڻ ائين گهرجي ته جنهن شاگرد جنهن به سينٽر تان امتحان ڏنو آھي سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪ شيٽ ان سينٽر تي موڪلڻ گهرجن ها، عبدالله ملاح لکيو ته بلڪل فارم ڀرائڻ جي تاريخ وڌائي وڃي ان سان نه صرف اميدوارن کي فائدو ٿيندو پر گڏوگڏ حڪومت کي به فائدو ٿيندو، سارنگ علي هليو لکيو ته سرٽيفڪيٽ نه هجڻ جي ڪري ڪافي اميدوار رهجي ويا. ان ڪري آءِ بي اي سکر کي گذارش ڪجي ٿي ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي، عبدالقدير شر لکيو ته گھٽ ۾گھٽ 15ڏينھن جي واڌ ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور پاران بي اي ۽ بي ايس سي 2019 جا نتيجا ته پڌرا ڪيا آھن پر مارڪ شيٽ ۽ پاس سرٽيفڪيٽ اڃا جاري نه ڪيا آهن،ان ۾ 15 ڏينھن لڳي سگهن ٿا. لطف سنڌي لکيو ته وڌيڪ ٽائيم ڏيڻ سان وڌيڪ اميدوارن جا فارم جمع ٿيندا، بولچند، ايف علي بلوچ به تاريخ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو، بشير ميراڻي لکيو ته فارم ڀرڻ جي تاريخ ۾ 15 ڏينهن واڌ ڪئي وڃي آن لائن سسٽم نيٽ ورڪ سلو هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو رهجي ويندا. ساگر علي رضا لکيو ته استادن جون ڀرتيون ته ٿينديون پر جڏهن اهو پڪي ٿيڻ لاءِ احتجاج ڪندا ۽ روڊن تي نڪرندا انھن ئي عظيم شخصيتن جون تذليلون ٿينديون. مبارڪ بجير لکيو ته بلڪل وڌائڻ کپي ڇو ته هن وقت تائين سنڌ جي مختلف ضلعن جا هزارين اميدوار تعليمي ادارن مان ضروري سرٽيفڪيٽ نه ملڻ جي ڪري سخت پريشان آهن، مهاوير ٽيڪواڻي، وفا بابو پٺاڻ، عابد ڏاهري، منيش واسو، عتيق الرحمان لکيو ته بلڪل تاريخ وڌائڻ کپي ثاقب بلوچ لکيو ته جئين ئي تعليمي کاتي طرفان نوڪريون آڇيون ويون تئين ئي يونيورسٽيز اندر ڪاغذي ڪم وارو مرحلو تيز ٿيو، جنهن سبب ساڳئي اڻپوري عملي مٿان روز شاگردن جو وڌندڙ انگ وزنائتو ٿي بيٺو، پر پوءِ به يونيورسٽيز ۾ عملو نه وڌايو ويو ، تعليمي کاتي سان گڏ ٽيسٽنگ سروس کي به تاريخ ۾ واڌ جي منظوري ڏيڻ گهرجي. عاشق حسين لکيو ته بورڊن ۽ يونيورسٽين مان پڪا ۽ تصديق شده سرٽيفڪيٽ اڃان تائين بيروزگارن کي نه مليا آھن ، ضمير بلوچ لکيو ته اسان کي لطيف يونيورسٽي مان مارڪ شيٽ ۽ پاس سرٽيفڪيٽ اڃان ناھي ملي سگھيو وقت ٿورو ھجڻ ڪري رش گھڻي آھي ٻيو ته رشوت جي بازار گرم آهي، محمد مقصود ويسر، ايوب شر، اقبال سميجو، شوڪت هالو، عبدالحفيظ، امير علي چنا، صدام بجير، شاهزيب ڪاڇيلو، عصمت الله رند، علي ناصر، طارق حسين راڄپر، رميز مري، محمد راشد، ذوالفقار چانڊيو، عرفان علي مهر، رزاق ڍاٽي، شڪرالدين گجو، جاويد وساڻ، شفقت ميراڻي،ساگر امير حيدر،عطاءُالرحمان لاکو، نعمت الله نهڙي، فائق جمالي، راشد لطيف، احمدالدين، ثناءُالله ڪليري ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته استادن جي ڀرتين لاءِ فارم ڀرائڻ جي تاريخ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن تائين وڌائي وڃي. عرفان ڏاهري لکيو ته تاريخ ۾ واڌ جو هڪ موقعو سڀني کي ڏنو ويو پوءِ فارم نه ڀرايو، اعجاز بجير لکيو ته هاڻي تاريخ نه وڌائي وڃي جنهن کي اپلائي ڪرڻو هو انهن ڪري ڇڏيو.