گهوٽڪي ويجهو ٽرين حادثي ۾ جاني نقصان تي سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ حڪومت مٿان تنقيد پڻ ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ريلوي وزير سوڌو ريلوي عملدارن کي معطل ڪري گرفتار ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ حامد مير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اڄ صبح گهوٽڪي جي ويجهو افسوسناڪ ٽرين حادثي ۾ ڪيترائي مسافر پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، ريل جو سفر تمام گهڻو غيرمحفوظ ٿي چڪو آهي گذريل ٽن سالن ۾ هڪ ڊزن کان وڌيڪ خوفناڪ حادثا ٿي چڪا آهن وزيراعظم عمران خان پتو ڪرائي ته حادثا ڇو وڌي رهيا آهن هاڻي ته خواجه سعد رفيق به وزير ناهي پوءِ ذميوار ڪير آهي؟ جنهن تي شعيب اي بٽ لکيو ته ريلوي وارو وزير، اعظم خان سواتي ڪڏهن استعيفا ڏئي رهيو آهي؟ ايچ بي بلوچ لکيو ته شيخ رشيد ٽرين سسٽم کي تباهه ڪيو ته عمران خان کيس انعام ۾ ان کان وڏو گهرو کاتو ڏنو اها تبديلي آهي. محمد حارث سوڍر لکيو ته خراب ٽريڪ جي نشاندهي هڪ مهينو اڳ ڪئي وئي هئي، پاڪستاني عوام سليڪٽڊ حڪمرانن جي نا اهلين ۽ نالائقين جي قيمت ڪيستائين ادا ڪندو رهندو؟ عابد علي طنزيه ردعمل ڏيندي لکيو ته هن حادثي جا ذميوار حامد مير طلعت حسين ۽ عاصمه شيرازي آهن، وزيراعظم جو امڪاني بيان، جڏهن هر وقت اهڙا صحافي سچ لکندا ته اسان جا ٽريني وزير ڪم ڪيئن سکندا، هڪ صارف لکيو ته ريلوي حادثي جي جاچ کان اڳ وزيراعظم ۽ ريلوي واري وزير جي استعيفا انتهائي ضروري آهي ڇو ته اهي سرڪاري عهدي جو ناجائز استعمال ڪري پنهنجي خلاف ثبوت ضايع ڪري سگهن ٿا. شميل خان لکيوته ملت ايڪسپريس جي بوگي نمبر 10 ڪراچي کان ئي خراب هئي عملي شڪايت تي جهيڙو ڪري رواني ڪئي ريتي ويجهو جهٽڪو لڳو بوگيون ڪلٽي ٿي پيون بعد ۾ وري سر سيد ايڪسپريس اچي وئي ۽ وڏو حادثو ٿي ويو ريلوي ملازمن جي لاپرواهي انساني جانيون ضايع ڪيون، اکين ڏٺن شاهدن مسافرن اهڙي ڳالهه ڪئي آهي. انعام خان لکيو ته جيستائين ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي اهڙا حادثا ٿيندا رهندا. نصرت سحر عباسي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ننڍپڻ کان ٻڌندا ۽ ڏسندا اچون پيا ته ٽرين حادثو ٿي ويو ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا ڪيترائي زخمي ٿي پيا وزير نوٽيس ورتو جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پوءِ ڳالهه آئي وئي ٻيو اشو، پر جن مٿان اهڙي قيامت گذري انهن جو پوءِ ڪير حال پڇڻ وارو به ناهي هوندو. نفيسا شاهه ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته گهوٽڪي ويجهو افسوسناڪ ٽرين حادثي 30 قيمتي انساني جانيون کسي ورتيون، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ريلوي سفر خطرناڪ ٿي ويو آهي، انهن جي لاپرواهي ۽ مجرماڻي غفلت جي ڪري سوين انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هن جي آزاداڻي جاچ ٿيڻ گهرجي. علي حيدر زيدي به لکيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي، زرتاج گل وزير لکيو ته گهوٽڪي حادثي تي ڏکايل آهيان، شمع جوڻيجو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته جڏهن کان پي ٽي آءِ حڪومت آئي آهي ان طرح جا حادثا وڌي ويا آهن ڇو ته نه ڪا استعيفا آهي نه وري ڪو احتساب آهي. برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته کٿل انجڻ !! ٽٽل پٽڙيون !! انڌا حڪمران !!تقريبن هر سال ريل حادثن ۾ سوين انساني جانيون ضايع ٿين پيون ان جي باوجود مسئلي جو حل ڪڍڻ بدران رڳو افسوس،تعزيتون،بيان جاري ڪري وري ٻي حادثي جو انتظار ڪيو ويندو آھي،ماضي ۾ ٿيل حادثن جون جاچون مڪمل ٿيڻ ۽ انهن ۾ ريلوي جي غفلت هجڻ جون رپورٽون به پڌريون ٿيڻ باوجود رڳو ننڍا ملازم لتاڙيا ويا هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته انهن حادثن جي جاچ ۾ وزير کي ٻڌو وڃي، جنهن بعد ڪجهه بهتري اچي سگهي امجد علي خالدي، سجاد علي شاهه محمد ڪٽپر ۽ ٻين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو. عبدالرزاق سروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مذمتون، بيان، نوٽيس، ڇا مذاق آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن نه پر اسانجي ملڪ ۾ ڏکوئيندڙ واقعن ۽ حادثن جو تعداد شايد شمار کان به مٿي آهي. جتي انساني زندگين ۽ شهرين جي جان ۽ مال جو رياست کي ڪو اونو ئي نه هجي اتي ائين ئي ٿيندو آهي. صبح جو ساڍي پنجين وڳي ئي ڏهرڪي ويجهو ريل حادثي جي ڏکوئيندڙ خبر ملي جنهن ڏکارو ڪري ڇڏيو. 40 انسان اجل جو شڪار ٿي ويا جيڪي کلندي،کلندي پنهنجن ذهنن جي پردي تي پيارن سان ملڻ جي آس ۾ منزلن ڏانهن روانا ٿيا هوندا ته بي رحم ۽ بي ڌيان ريلوي نظام سندن حياتيون ڳڙڪائي ويو، پڪ اٿم ته جاچ بابت رڳو روايتي بيان ڏنا ويندا ظالم ۽ غافل سسٽم سڌرڻو ئي ناهي.جنهن تي مظفر علي کوکر لکيو ته ريلوي وزير سميت ذميوار آفيسرن تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي،شبير ملاح لکيو ته اسان مايوس ٿي ويا آهيون پري پري تائين ڪو اميد جو ڪِرڻو نظر نٿو اچي، ڪريمداد چانڊيو لکيو ته جيءُ جهري پيو آهي، آزاد بلوچ ۽ ستار سروهي لکيو ته ريلوي وزير سوڌو ريلوي عملدارن کي معطل ڪري گرفتار ڪيو وڃي، ڪشور ڪمار، قادري مستقيم سمون، ساحل سڪندر، هدايت الله مهر، فياض مخدوم، زاهد راڄپر ۽ ٻين پڻ حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو.