ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حراست ۾ تشدد ۽ موت ڏوهه قرار ڏيندي 10 سال سزا مقرر ڪئي وئي آهي، سينيٽ مان منظور ٿيل ان بل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ان قسم جا بل ته پاس ڪيا ويندا آهن پر عمل ناهي ٿيندو، هن بل سان حراست ۾ تشدد ۽ موت وارا واقعا رڪجي ويندا پر بل تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي فقير صادق لاشاري لکيو ته ان تي عمل به ڪرايو وڃي، بابر وساڻ لکيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن کي انصاف ملڻ ناممڪن آهي بل تي عمل نه ٿيندو، گل حسن شر لکيو ته اهو بهترين عمل آهي، گلشن چانڊيو لکيو ته پوليس يا سيڪيورٽي ادارن جو هر گز اهو ڪم ناهي ته ڪنهن تي تشدد ڪن يا تشدد سبب ڪنهن جو موت ٿئي، خادم گهراڻو لکيو ته اهوبل بهتر آهي هتي ته ماڻهو بي گناهه ماريا وڃن ٿا انهن کي فل فرائي هاف فرائي ڪيو وڃي ٿو، پرويز خاصخيلي لکيو ته عمل نه ٿيندو، اسد ديشي لکيو ته هي عمل تمام سٺو عمل آهي، نياز سومرو لکيو ته قانون بھترين آهي پر ان تي عمل نه ٿيندو، جاويد هڪڙو لکيو ته اهو ته پهريان ئي ڏوهه هو پوليس ڪنهن کي سزا ڏيڻ جي مجاز ناهي، درست بل آهي، آسودو مل لوهاڻو لکيو ته اهڙا سوين بل سينيٽ پاس ڪيا آهن، ممتاز سميجو لکيو ته قانون تي جيڪڏهن برابري سان عمل ٿئي ته معاشرو سڌري وڃي، اسحاق بوزدار لکيو ته جيڪڏهن عمل ٿيو ته ڪير به ٽارچر سيلن ۾ نه ماريو ويندو، شنڪر باغي لکيو ته واحد اهو بل آھي جيڪو اپوزيشن ۽ سرڪار گڏجي پاس ڪيو آھي ان تي عمل کي به يقيني بنايو وڃي، نماڻو نوناري لکيو ته عمل به ڪيو وڃي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته عمل ڪيو وڃي، نعمان غوري بل جي آجيان ڪئي، آسنداس لڇواڻي لکيو ته ان تي عمل ڪيو وڃي، زوار ابراهيم کوڙ لکيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو اهڙو رويو برداشت جوڳو ناهي هوندو، محمد اسماعيل لکيو ته بل ته ايندا آهن پر عمل ناهي ٿيندو، بلاول سومرو لکيو ته بل ڀلو تڏهن آهي جڏهن عمل ٿئي، شهباز جوکيو ته بل تي عمل ڪير ڪرائيندو، عمر پنهور لکيو ته صحيح بل آهي، عثمان پنهور لکيو ته بل تي عمل ٿيڻ گهرجي، منيش واسو لکيو ته انھي ۾ پوليس وارن کي ڪجھه سبق ملندو، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته سڀ خانا پوري ۾ آهن، قادر بخش زئور لکيو ته عمل ٿئي تڏھن بل جي اھميت ٿي ويندي، بشير ميراڻي لکيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حراست ۾ ماڻهن تي تشدد ڪيو ويندو آهي، اعجاز بجير لکيو ته قانون کي هتي ڪير سمجهي ئي نٿو، بابر علي شر، اشوڪ ڪوهستاني، رضوان علي، جاويد سنڌي به راءِ جو اظهار ڪيو، لقمان کوسو لکيو ته هتي سالن کان ملڪ جي ئي شھرين کي کنڀي گم ڪي ويندو آهي، آفتاب چانڊيو لکيو ته اقتدار ۾ ويٺل وڏيرا،جاگيردار ٿاڻن کي ذاتي اوطاقون سمجھن ٿا پوليس جي تشدد ۾ ڪيترائي معصوم ۽ بيگناھ ماڻھو قتل ٿي ويا آھن، علي حسن جمالي لکيو ته قانون ته ٺاھڻ سولو ٿي ويو پر عمل ڪرائڻ ڏکيو ٿي ويو آھي، طارق باجڪاڻي لکيو ته وڏيرن جي چوڻ تي ٿاڻي وارا مخالفن مٿان تشدد ڪندا آهن، اقرار جوڻيجو لکيو ته اسيمبلي مان بل پاس ٿين ٿا باقي علائقائي حد جي ٿاڻن تي خريد ڪري ايس ايڇ او رکيا وڃن ٿا، اعجاز رفيق منڌرو، صفدر سنڌي، سرفراز احمد، زاهد حسين بڙدي، سرمد علوي، امتياز عيسيٰ هاليپوٽو بل جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته عمل ڪرائڻ جي ضرورت هوندي، موهن لال لکيو ته پوليس جيڪو عدالت کان مٿانهون قتل ڪري بعد ۾ مقابلو ڄاڻائي ٿي اهو عمل ايذائيندڙ آهي جنهن جي سخت سزا مقرر ڪئي وڃي، مقبول چارڻ لکيو ته هتي قانون ٺهندو ئي شايد خلاف ورزي ڪرڻ لاءِ آهي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته اهيو ڪم سفارشي ماڻهو ڪندا آهن جن کي ڪنهن ڀوتار جو ساٿ هوندو آهي، رزاق ڍاٽي لکيو ته بهترين بل آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته ھتي ٿاڻا وڏيرن وٽ وڪاميل آھن، محمد شعبان جانوري لکيو ته پوليس وارو يا ٻيو ڪو سرڪاري ماڻھو ماري ته ڏھ سال سزا، ماڻهو هٿان قتل ٿئي ته ڦاهي يا عمر قيد سزا اهو ٻٽو معيار آهي، فيروز ملڪ، عباس، مظهر سولنگي، عرفان سيلرو، وسيم نواز به راءِ جو اظهار ڪيو.