نيٺ دعا ڀٽو کي موبائيل فون ملي ويو

0
418
نيٺ دعا ڀٽو کي

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي گهر واري دعا ڀٽو جو اسيمبلي مان مبينا کسيل موبائيل واپس ملي ويو آهي

اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي عورت ايم پي ايز ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران دعا ڀٽو جو موبائيل فون کسجي ويو هو

دعا ڀٽو الزام هنيو ته پيپلز پارٽي جو ايم پي اي منور وساڻ سندس موبائيل کڻي ڀڄي ويو آهي، جنهن خلاف پي ٽي آءِ ايم پي ايز احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو هو

اڄوڪي اجلاس جي شروعات ۾ ئي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دعا ڀٽو کي موبائيل فون واپس ڪندي چيو ته موبائل ٻاهران مليو، مون هٿ ڪري واپس ڪري رهي آهيان

!دعا ڀٽو جو سنڌ اسيمبلي مان فون کسجي ويو