نيوڇور (ن پ ا) کاروڙو چارڻ ۾ ڍاٽ جو مشهور سگھڙ ڪوي ڪيسوڏان چارڻ ڪجهه ڏينهن بيمار رهڻ بعد 85 سالن جي ڄمار ۾  ديھانت ڪري ويو، سگهڙ جي وڇوڙي ته سڄي ڍاٽ ۾ سوڳ جي لھر ڇائنجي وئي، جڏهن ته سندس لاڏاڻي تي صوبائي وزير سردار شاهه، ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه سوڍو، اڳوڻي ضلع ڪائونسل چيرمين نور شاهه ۽ اڳوڻي ايم پي اي رجويرسنگھه سوڍي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪوي ڪيسوڏان جو وڇوڙو ھڪ وڏو خال آهي، جيڪو ڀرجڻ تمام ڏکيو آهي، هنن چيو ته اھڙا سگھڙ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڪوي ڪيسوڏان هڪ سچو، کرو ۽ نيڪ دل انسان ھو،