مٽياري/ نيو سعيدآباد (نمائندن وٽان) نيو سعيد آباد ۾ جوابدارن درويش نوجوان کي وحشياڻو تشدد ڪري اڦٽ ماري ڇڏيو، پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾ مندر محلا جي رهواسي درويش نوجوان غلام دستگير عرف پپو ميمڻ کي جوابدارن سرن ۽ سيخن سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي تعلقي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد نازڪ حالت ۾ لمس اسپتال  حيدرآباد نيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. هوڏانهن نيوسعيدآباد پوليس سرڪاري فرياد تي  سب انسپيڪٽر قلندر بخش خاصخيلي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي، جنھن ۾ شريف راجپوت  ۽ پرائمري استاد جنگ شير راجپوت سميت 8 نامعلوم ماڻھو نامزد ڪري ڄاڻايل ٻنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب نوجوان جو دماغي توازن درست نه ھو. مقتول جي وارث عزيز ميمڻ ٻڌايو ته اسان جي نوجوان کي بيگناھ شديد تشدد ڪري ماريو ويو آھي. نيوسعيدآباد پوليس جي ايس ايچ او ۽ وڏي منشي وڏي رشوت عيوض اصل جوابدار گرفتار ڪري ڇڏي ڏنا ۽ سرڪار پاران ڪيس داخل ڪري بيگناھ ماڻھن کي ڦاسايو آھي. ھن چيو ته اسان جو مطالبو آھي ته اصل جوابدار گرفتار ڪري اسان جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان غلام دستگير عرف پپو ميمڻ جو لاش حيدرآباد پريس ڪلب آڏو رکي احتجاج ڪيو ويو.  هوڏانهن مقتول نوجوان غلام دستگير عرف پپو ميمڻ جي وارثن جي عزيز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي مٽياري سان سندس آفيس ۾ ملاقات واقعي بابت کيس آگاھ ڪيو . عزيز ميمڻ پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ت نوجوان ذھني طور معذور ۽ درويش ھو اسان کي خبر پئي آھي ته هن اتي بيٺل گاڏين مان ڪجھ ماڻھن کي ٽائر چوري ڪندي ڏٺو جنھن جي ھن نشاندھي ڪئي جنھن بعد انھن ھن کي پڪڙي لوھي سيخن سان سخت مارڪٽ ڪئي. ھن ڀڄي پرائمري استاد جنگشير راجپوت جي گھر ۾ پناھ ورتي اتي وڏي منشي الھيار ٻلال پوليس سان  پھچي وري کيس مارڪٽ ڪري تعلقا اسپتال ۾ ڇڏي ويو بعد ۾ اسان جي ٿاڻي تي وڃي دانھون ڪرڻ تي جوابدارن ۽ گھر مالڪن کي گرفتار ڪري جوابدار کان پنج لک وٺي کين آزاد ڪري گھر مالڪن جنگشير راجپوت ۽ شريف راجپوت تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ پنهجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته ميڊيا تي هڪ خبر نشر ٿي ته غلام دستگير ميمڻ مٿان ڪنهن تشدد ڪيو آهي جنهن تي مون فوري طور ايس ايڇ او کي هدايت ڪئي ته فوري طور کيس ميڊيڪل ليٽر ڏئي سندس علاج ڪرايو وڃي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جنهن بعد ڪافي انتظار ڪرڻ بعد ڪو به وارث ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه آيو جنهن بعد اسان پوليس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بعد ۾ اطلاع مليو ته اهو ماڻهو جنهن جي گهر ۾ اهو داخل ٿيو هو انهن ئي ان مٿان تشدد ڪيو آهي، جن هن مٿان تشدد ڪيو اسان انهن جا ٻه ماڻهو به گرفتار ڪيا ۽ ڊي ايس پي هالا کي انڪوائري ڏني آهي، جنهن کي چيو ويو آهي ته اها جاچ ڪري ته اهو ان گهر ۾ پناهه وٺڻ لاءِ داخل ٿيو هو يا کيس ان گهر مالڪن ئي مارڪٽ ڪري مرڻينگ ڪيو آهي، اگر اهو ان گهر ۾ داخل ٿيو ۽ ان کي ڪنهن مارڪٽ ڪئي، هر طرح سان ان ڪيس جاچ ڪئي پئي وڃي جيڪو ماڻهو ان ۾ ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

حيدرآباد: وڏي وزير سيد مراد علي شاھ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري ملڪ ڪليم  کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. ھوڏانھن ايس ايس پي مٽياري ڄاڻايل واقعي ۾  نيو سعيدآباد ٿاڻي جي وڏي منشي الھيار ٻلال کي معطل ڪري لائن حاضر ڪري ڇڏيو آھي