نيوسعيدآباد(ن پ ا)  نيو سعيد آباد ۽ ڀرپاسي ڪارروايون ڪري 3 منشيات  فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ پوليس ٽن منشيات فروشن نثار جمالي، گل حسن ماڇي ۽ رافع ملڪ کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو. پوليس موجب ٽنھي منشيات فروشن کي خفيا اطلاع ملڻ تي  ناڪابندي ڪري شراب جي بوتلن ۽ زيڊ ايڪويھه نشا آور سوپارين سميت گرفتار ڪيو ويو آھي جڏھن ته علائقي جا مشھور منشيات فروش سرور ماڇي پٽ الھجڙيو ماڇي ۽ فھيم جمالي پٽ دائود جمالي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،  پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته زيڊ ايڪيھه  ۽ سفينا نشي آور سوپارين جي بين الاقوامي ڊيلر  ۽ اينٽني انڪروچمينٽ پوليس حيدرآباد جي اھلڪار عمران ڳاھوٽي عرف مامل ڳاھوٽي ۽ سليم ماڇي عرف سڀاڳو ماڇي کي پڻ گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو آھي.