نيو سعيد آباد: ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ سندس ويڳي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

0
610

نيو سعيد آباد (رپورٽ: محمد دين بلوچ) نيو سعيد آباد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ڳوٺ اول ڇڇر ۾  ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي نشو ڏئي  روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

پوليس جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته طالب لاکو پٽ مشتاق سان گڏجي 16ورهين جي ڌيءَ سهڻي کي نشو ڏئي  روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهي ڇڏيو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار طالب لاکو  ۽ سندس پٽ مشتاق کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدارن باسيو آهي ته ناري پنهنجي ويڳي ڀاءُ مان 5 مهينن جي ڳورهاري ٿي وئي هئي

ايس ايڇ او موجب جوابدارن ٽيسٽ ڪرائڻ بعد ناري کي نشو  ڏئي رات جو روهڙي ڪئنال ۾ اڇلايو،  سندس ڳولا جاري آهي

لاڳاپن جي الزام هيٺ آيل پنهون لاکو جي امڙ پاران گمشدگي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي، کيس به قتل ڪرڻ جو شڪ ڏيکاريو ويو آهي

جڏهن ته ناري جي ويڳي ڀاءُ کي پڻ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مقتولا ناري جي ويڳي ڀاءُ کي به قتل ڪري لاش ڦٽو ڪرڻ جو ڏوهه باسيو آهي

هي به پڙهندا

ميهڙ جي عدالت ۾ فائرنگ، حاضري تي آيل 2 ڀائر سئوٽ سميت قتل، 3 جوابدارن گرفتاري ڏئي ڇڏي