نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيو سعيد آباد ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. ڊي ايس پي نيوسعيدآباد سب ڊويزن جي ٽنھي ٿاڻن نيوسعيدآباد، فاريسٽ پوليس اسٽيشن بٺو ڪيٽي ۽ فاريسٽ پوليس اسٽيشن نورڪيٽي سان گڏ ڪاري ڪيٽي، نورڪيٽي، ھ نيوسعيدآباد شھر جي ڀڏو پاڙو ۽ بائي پاس جي ساڄي طرف نئين آبادي ۾ ڇاپا ھڻي منشيات جي خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، پوليس ڳوٺ امين لاکو ۾ ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو ھڻي منشيات فروش نواب ماڇي کي گرفتار ڪري وٽائنس ھڪ سئو ليٽر ڪچو شراب ھٿ ڪيو نيوسعيدآباد بائي پاس جي ساڄي طرف نئين آبادي ۾ ڇاپا ھڻي غلام سرور ماڇي جي ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو ھڻي ڪچي شراب ٺاھڻ جا ڊرم ۽ وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب ھٿ ڪيو آھي، پوليس منشيات فروشن نواب ماڇي ۽ ٻين خلاف بٺو ٿاڻي تي ٻه الڳ الڳ ايف آ۽ آرون داخل ڪيون آھن.